اپوزيشن جماعتن کي صرف لٽ مار کپي: حنيد لاکاڻي

ڪراچي : پاڪستان تحريڪ انصاف اڳواڻ ۽ سربراھ بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي چيو آھي تھ اپوزيشن جماعتن کي صرف لٽ مار لاءِ اقتدار کپي. انھن کي عوام يا ملڪ جو ڪو احساس ناھي. ماضي ۾ ھڪ ٻي مٿان الزام لڳائيندڙ ھاڻ ذاتي مفادن ۽ پنھنجي ڪرپشن لڳائڻ لاءِ گڏ ٿيا آھن. پاڪستان تحريڪ انصاف عوام جي خدمت لاءِ اقتدار ۾ آئي آھي ۽ عوامي طاقت ذريعي آئي آھي. اسان جو مقصد عوامي خدمت ۽ ادارن کي مضبوط ڪرڻ آھي. اھڙن خيالن جو اظھار حنيد لاکاني سيڪريٽريٽ مان جاري ڪندڙ بيان ۾ ڪيو. حنيد لاکاڻي چيو تھ ڪوڙ ۾ فراڊن ۾ شريف برادران کان ڪوئي اڳتي ناھي. اھڙي طرح وري ڪرپشن ۾ پيپلزپارٽي جي مقابلي ۾ ڪوئي ناھي. جديد طريقن سان لٽ مار ۽ ڪرپشن ڪندا آھن. مون سون جي برساتن دوران اسان ڪراچي ۾ ماڻھن جي مدد ڪئي. جڏھن تھ سنڌ جي ٻين مختلف ضلعن ميرپورخاص، بدين، سجاول ۽ سانگهڙ ۾ اڃان تائين برساتي پاڻي 3-3 فٽ بيٺل آھي. عمرڪوٽ ۾ ماڻھو امداد جا منتظر آھن انھن کي حسين لاکاڻي ٽرسٽ پاران راشن، ٽينٽ ۽ ٻيون کاڌي پيتي جو سامان ڏنو ويو. ۽ ماڻھن جو طبي امداد پڻ ڪئي وئي. جنھن ۾ مفت دوائون پڻ ڏنيون ويون.

Read Previous

پاڪستاني بالر شاهين آفريدي جو تاريخي ڪارنامو: چئن بالن تي چار وڪيٽون وٺي چڌيائين

Read Next

ٻيلي ٿاڻي جي ٺھندڙ نئين عمارت جو ڪم رولڙي جو شڪار ٿاڻي جو عملو 10 سالن کان يونين ڪائونسل جي آفيس ۾ ويٺل

Most Popular