رتوديرو ڀرسان دردناڪ حادثو،موٽر سائيڪل گڏهه گاڏي سان ٽڪرائڻ سبب پيءَ پٽ فوت،2 زخمي

رتوديرو : رتوديرو لاڙڪاڻو روڊ بنگلديرو وٽ گزريل رات ديرسان ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ ڳوٺ راڄو انڙ رهواسي هڪ ئي خاندان جا چار ماڻهون 40ورهين جو رحيم داد انڙ، 8 ورهين جو خدا بخش انڙ، سعيده ۽ ڀاڳل خاتون زخمي ٿي پيا جن کي مقامي ڳوٺاڻن ۽ لاشاري ٿاڻي حد جي پوليس کڻائي لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو جتي 40ورهين جو رحيم داد انڙ ۽ سندس 8 ورهين جو پٽ خدا بخش انڙ فوت ٿي ويا، فوتين جا مڙھ اسپتال مان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا،

Read Previous

ميهڙ ۾ يوسي مگسي جي ڳوٺ ڇتو شيخ جي رهواسين جو علائقي جي بااثر خلاف احتجاج

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي طور الڳ الڳ ريليون

Most Popular