ميهڙ ۾ يوسي مگسي جي ڳوٺ ڇتو شيخ جي رهواسين جو علائقي جي بااثر خلاف احتجاج

ميھڙ  :  يوسي مگسي جي ڳوٺ ڇتو شيخ جي رهواسين حاجي قربان شيخ . محبت شيخ . مظھر شيخ .علي اڪبر شيخ .گل بهار سولنگي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته علائقي جي بااثر ماڻھن محمد بچل سولنگي .ممتاز سولنگي . عابد سولنگي . هٿيارن جي زور تي اسان جي ڳوٺ جو رستو بند ڪري سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ۽ اسان کي گذرڻ نه ٿو ڏنو وڃي هنن چيو ته اسان جو ڳوٺ ڇتو شيخ قديمي ۽ 40 گهرن تي مشتمل آهي جنهن جو ڏاڍ جي زور تي رستو بند ڪيو ويو آهي هنن اعلي اختيارين ايس ايس پي دادو کان مطالبو ڪيو  ته ڳوٺ ڇتو شيخ جو رستو بند ڪندڙ بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري رستو بحال ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي

Read Previous

جوڻيجا برادري جي ماڻهن جو بااثر خلاف شهدادڪوٽ پريس ڪلب آڏو هٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر کڻي احتجاج

Read Next

رتوديرو ڀرسان دردناڪ حادثو،موٽر سائيڪل گڏهه گاڏي سان ٽڪرائڻ سبب پيءَ پٽ فوت،2 زخمي

Most Popular