لاڙڪاڻي ۾ امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي طور الڳ الڳ ريليون

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ امن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي مختلف سياسي، سماجي ۽ مذهبي تنظيم طرفان ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي طور الڳ الڳ ريليون ڪڍيون ويون. ان سلسلي ۾ ڪالھ سماجي تنظيم پاڪستان پيٽرياٽڪ مومينٽ زندھ آباد آرگنائيزيشن جي مرڪزي چيئرمين لياقت ابڙو، سينئر نائب صدر يونس علي ابڙو، راجا منير جتوئي، سميع الله خان نيازي، آصف علي عباسي، بشير احمد انصاري، عابد ابڙو، غلام مرتضيٰ عباسي، عبدالرشيد جتوئي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، پاڪستان سني تحريڪ جي صوبائي اڳواڻ مولانا علي نواز قاسمي، عبدالرشيد سانگي، ضلعي صدر شمس الدين سروهي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، پاڪستان زندھ آباد آرگنائيزيشن طرفان آغا ضمير حسين سيال، خليل احمد جعفري، صفي الله ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، تحريڪ جوانان پاڪستان طرفان محمد اسلم رئيساڻي، علي خان ابڙو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾، مغيري اتحاد لاڙڪاڻي طرفان اڪبر مغيري، معشوق مغيري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪشميري عوام سان اظهار يڪجهتي طور ڌار ڌار ريليون ڪڍيون ويون، جيڪي شهر جي مختلف روڊن رستن کان ٿينديون لاڙڪاڻو پريس ڪلب اڳيان پهتيون. ان موقعي تي ريلين کي خطاب ڪندي مٿين اڳواڻن چيو ته ڪشمير ۾ دهشتگرد ملڪ ڀارت انتهاء پسندي جي حد ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪشمير ۾ انڊين فوج روز عورتن، مردن، معصوم ٻارڙن ۽ بزرگن کي آزادي خاطر شهيد ڪري رهيا آهن، جنهن جي جيتري مذمت ڪجي اها گهٽ آهي. هنن چيو ته ڪشميري عوام سال کان وڌيڪ عرصو گذرڻ باوجود بيگناھ پنهنجي گهرن ۾ قيد لڳا پيا آهن، جن جو قصور صرف اهو آهي جو هو پاڪستان سان محبت ڪن ٿا، جنهن جي ڪري مودي سرڪار انتقامي ڪاروائي ڪندي معصوم ڪشميرين مٿان ظلم، جبر جا پهاڙ ڪيرائي رهي آهي، پر اسان دهشتگرد ملڪ ڀارت کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته ڪشمير پاڪستان جي ڇھ رڳ آهي ۽ ان کي پاڪستان کان ڌار ڪو به نه ٿو ڪري سگهي ۽ انشاءِ الله تعاليٰ جلد ڪشمير ٿيندو پاڪستان. هنن چيو ته اسان اقوام متحده سميت سلامي ملڪن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪشمير ۾ ٿيندڙ ظلم جو نوٽيس وٺي ڪشميري عوام کي آزادي ڏياري وڃي.   

Read Previous

رتوديرو ڀرسان دردناڪ حادثو،موٽر سائيڪل گڏهه گاڏي سان ٽڪرائڻ سبب پيءَ پٽ فوت،2 زخمي

Read Next

لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي شهر مان مختلف وقتن تي کنڀي گم ڪيل 5 نوجوانن جي آزادي لاءِ وارثن جو احتجاج

Most Popular