اسلام آباد: وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۾ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن ۾ ملڪي سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا وچ ۾ ملاقات دوران وفاقي ڪابينا ميمبر ۽ ٻيون اختياريون به شريڪ هيون.ذريعن جو چوڻ آهي ته ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، جڏهن ته لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي جارحيت تي به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني وئي.