سڄي ملڪ ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع، ٽي ڪروڙ ڇانوي لک ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا

اسلام آباد: سڄي ملڪ ۾ اڄ کان پوليو کان بچاءُ واري مهم جي شروعات ٿي وئي آهي. مهم 25 سيپٽمبر تائين جاري رهندي. پوليو کان بچاءُ واري مهم ۾ 3 ڪروڙ  96 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙيا پياريا ويندا.  پوليو کان بچاءُ واري مهم آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ چئني صوبن ۾ هلائي ويندي. پنجاب ۾ هڪ ڪروڙ 99 لک، سنڌ ۾ 92 لک، خيبرپختونخواهه ۾ 67 لک، آزاد ڪشمير ۾ 6 لک 69 هزار، گلگت بلتستان ۾ 2 لک 39 هزار، بلوچستان ۾ ساڍا 24 لک جڏهن ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ ساڍا ٽي لک ٻارن کي پوليو ويڪسين پياري ويندي.  سڄي ملڪ ۾ مهم دوران 2 لک 70 هزار ورڪر حصو وٺي رهيا آهن. پوليو کان بچاءُ واري مهم دوران ڪورونا ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪرڻو پوندو. لاهور ۾ ڊپٽي ڪمشنر لاهور، دانش افضال پوليو مهم جي حوالي سان سمورن آفيسرن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.

Read Previous

وزيراعظم عمران خان ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا ۾ اهم ملاقات

Read Next

بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو: زبير چريا ۽ رحمان بهولا کي ڦاهي جي سزا جو حڪم

Most Popular