بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو: زبير چريا ۽ رحمان بهولا کي ڦاهي جي سزا جو حڪم

ڪراچي:  دهشتگردي جي انت واري عدالت بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ رحمان بهولا ۽ ۽ زبير چريا کي  ڦاهي جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي. دهشتگردي جي انت واري عدالت ۾ بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن ۾ رحمان بهولا، زبير چريا ۽ رئوف صديقي سميت ٻيا جوابدار پيش ٿيا. عدالت ڪيس جو محفوظ فيصلو ٻڌائيندي  رحمان بهولا ۽ زبير چريا کي ڦاهي جي سزا ٻڌائي جڏهن ته ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي سميت 4 جوابدارن کي شاهديون نه هجڻ تي بري ڪري ڇڏيو.  عدالت بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس ۾ ٻين 4 جوابدارن علي محمد، ارشد محمود، فضل ۽ شاهه رخ کي سهولتڪاري جي الزام ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي. جڏهن ته بري ٿيندڙن ۾ اديب خانم. علي حسن قادري ۽ عبدالستار شامل آهن. دهشتگردي جي انت واري عدالت 3 سال 7 مهينن کان پوءِ ڪارروائي مڪمل ٿيڻ تي 2 سيپٽمبر تي ڪيس جو فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو 17 سيپٽمبر تي ٻڌائڻو هو پرعدالت فيصلو ٻڌائڻ کان سواءِ ٻڌڻي 22 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي هئي. ياد رهي ته بلديه فيڪٽري سانحي ۾ عدالت هلندڙ مهيني 2 سيپٽمبر تي ڌرين جا دليل مڪمل ٿيڻ تي فيصلو محفوظ ڪيو هو. مارچ 2015 ۾ جي آءِ ٽي جوڙي وئي ۽ 5 مارچ2 2016ع تي پروگريس رپورٽ پيش ڪئي وئي جڏهن ته فيبروري 2017 ۾ ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي، رحمان بهولا، زبير چريا ۽ ٻين مٿان فرد جرم لاڳو ڪئي وئي هئي ڪيس ۾ جوابدارن جي خلاف 400 سلطاني گواهن جا بيان  پڻ رڪارڊ ڪيا ويا هئا.

Read Previous

سڄي ملڪ ۾ پوليو کان بچاءُ واري مهم شروع، ٽي ڪروڙ ڇانوي لک ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا

Read Next

اين سي او سي ڇهين کان اٺين ڪلاس جا اسڪول کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

Most Popular