اين سي او سي ڇهين کان اٺين ڪلاس جا اسڪول کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي

اسلام آباد:  نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) ملڪ ۾ ڇهين کان اٺين ڪلاس جا اسڪول کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي. اين سي او سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته سڀاڻي کان ڇهين کان اٺين ڪلاس جا ڪلاس باقاعده شروع ڪيا ويندا. اين سي او سي جي اجلاس کان پوءِ خيبرپختونخواهه جي تعليم واري وزير شهرام ترڪئي سوشل ميڊيا تي جاري پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته اڄ اين سي او  جي اجلاس ۾ شرڪت کان پوءِ اسان سڀاڻي کان خيبرپختونخواهه جا اسڪول کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.  شهرام ترڪئي ٻڌايو ته سڀاڻي کان ٻئي مرحلي ۾ خيبرپختونخواهه جا ڇهين کان اٺين ڪلاس جا سمورا اسڪول کوليا ويندا.  ياد رهي ته اين سي او سي نائين، ڏهين ۽ وڏين ڪلاس کي 15 سيپٽمبر تائين جڏهن ته ڇهين کان اٺين ڪلاس جا اسڪول 22 سيپٽمبر کان کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. پر سنڌ حڪومت ڪورونا ڪيس وڌڻ  کي نظر ۾ رکندي ٻئي مرحلي تحت 22 سيپٽمبر کان ڇهين کان اٺين ڪلاس جا اسڪول کولڻ جو فيصلو ملتوي ڪري ڇڏيو هو.

Read Previous

بلديه فيڪٽري سانحي ڪيس جو فيصلو: زبير چريا ۽ رحمان بهولا کي ڦاهي جي سزا جو حڪم

Read Next

العزيزيه ريفرنس: نوازشريف کي مليل سزا جي خلاف اپيل تي ٻڌڻي اڄ ٿيندي

Most Popular