پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سيريز لاءِ ٻنهي بورڊن وچ ۾ صلاح مشوري جو سلسلو شروع

لاهور: پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سيريز جي لاءِ نئين ونڊو ڳولا ڪرڻ تي ٻنهي بورڊن جي وچ ۾ صلاح مشوري جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. پاڪستان کي هلندڙ مهيني ڏکڻ آفريڪا ۾ مختصر سيريز جي لاءِ وڃڻو هو پر ڪورونا سبب هن سيريز کي في الحال ملتوي ڪيو ويو آهي. ڏکڻ آفريڪا ۾ اڃان تائين ڪرڪيٽ جي سرگرمين جي شروعات ناهي ٿي سگهي. پي سي بي جي ذريعن موجب ميزبان بورڊز واضح ڪيو آهي ته پاڪستان جي خلاف سيريز کي ممڪن بنائڻ جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي. ڪورونا وائرس جي ڪري شيڊول جي تياري هڪ مشڪل مرحلو آهي.  نئين ونڊو ڪڍي هن سيريزکي يقيني بنايو ويندو. پي سي بي به ٽيم جي مصروفيتن جو پنهنجو شيڊول ڏکڻ آفريڪا ڏانهن موڪلي ڇڏيو آهي.

Read Previous

پي سي بي نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ لاءِ نوي لک روپين جي انعام رقم مقرر ڪري ڇڏي

Read Next

پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسين جي ڪلينيڪل ٽرائل جو ٽيون مرحلو شروع

Most Popular