پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسين جي ڪلينيڪل ٽرائل جو ٽيون مرحلو شروع

اسلام آباد:  پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسين(ڪينسينو) جي ڪلينيڪل ٽرائل جي ٽئين مرحلي جي شروعات ٿي وئي آهي.  نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر موجب ويڪسين جو پهريون ۽ ٻيون مرحلو چين ۾ ٿيو هو جنهن کان پوءِ هاڻ ٽيون مرحلو پاڪستان ۾ ٿي رهيو آهي. صحت کاتي جي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان ٻڌايو ته ويڪسين جو ٽرائل صحت جي نظام ۾ بهتري جي لاءِ به اهم آهي ۽ ڪورونا ويڪسين جو ٽرائل اسان جي لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي. هن ٻڌايو ته پبلڪ پرائيويٽ پارٽنر شپ جي تحت صحت جو قومي ادارو ۽ چيني ڪمپني  پاڻ ۾ ملي ٽرائل ڪري رهيا آهن. پاڪستان هيلٿ ريسرچ ڪائونسل جي سربراهه ميجر جنرل عامر اڪرام جو چوڻ هو ته 8 کان 19 هزار رضاڪارن تي ويڪسين جو ٽرائل ٿيندو. فيز ٿري ٽرائل اهم آهي ان ۾ حتمي نتيجو ملندو. هن چيو ته ٽرائل ڪامياب ٿيڻ تي 3 يا 4 مهينن کان پوءِ ويڪسين مارڪيٽ ۾ اچي ويندي. ان حوالي سان وفاقي وزير اسد عمر چيو هو ته پاڪستان ۾ ڪورونا ويڪسين جي ٽئين مرحلي جي شروعات ٿي چڪي آهي. ڪورونا ويڪسين چيني ڪمپني تيار ڪئي آهي.  ويڪسين جي ٽرائل ۾ 7 ملڪن جا 40 هزار رضاڪار شرڪت ڪندا. هن ٻڌايو ته آزمائشي مرحلي ۾ 8 کان 19 هزار پاڪستاني هوندا. ٽيسٽ جا شروعاتي نتيجا 4 کان 6 مهينن ۾ سامهون اچڻ جو امڪان آهي.

Read Previous

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سيريز لاءِ ٻنهي بورڊن وچ ۾ صلاح مشوري جو سلسلو شروع

Read Next

صحت جي عالمي اداري ڪورونا ويڪسين جي ورهاست جو پلان تيار ڪري ورتو

Most Popular