پي سي بي نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ لاءِ نوي لک روپين جي انعام رقم مقرر ڪري ڇڏي

لاهور:  پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ(پي سي بي) نيشنل ٽي 20 ڪپ جي لاءِ 90 لک روپين جي انعامي رقم مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.  ڪورونا 19 يعني ڪورونا وائرس جي عالمي وبا دوران پي سي بي واحد ڪرڪيٽ بورڊ آهي جيڪو پنهنجي ملڪ ۾ بائيو سيڪوريبل سان گڏ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ جون سرگرميون شروع ڪري رهيو آهي.  سڄي ملڪ سان تعلق رکندڙ  بهترين رانديگر 30 سيپٽمبر کان ملتان ۾ پهچندا. نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جو پهريون مرحلو 6 آڪٽوبر تائين ملتان ۾ مڪمل ٿيندو جڏهن ته ٻيون مرحلو 9 آڪٽوبر کان 18 آڪٽوبر تائين راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو. ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ سيزن 21-2020 جي هن ابتدائي ٽورنامينٽ ۾ گڏيل طور تي تقريبن 90 لک روپين جي انعامي رقم ورهائي ويندي. ايونٽ جي فاتح ٽيم کي 50 لک روپين جي انعامي رقم ڏني ويندي. جڏهن ته ٻئي فائنلسٽ ٽيم 25 لک روپين جي حقدار  رهندي. اهوئي نه پر ٽورنامينٽ جي بهترين رانديگر، بيٽسمين، بالر ۽ وڪيٽ ڪيپر کي هڪ هڪ لک روپين جي انعامي رقم به ڏني ويندي.  سيزن جي پهرين ٽورنامينٽ جي دوران هر ميچ جي بهترين رانديگر کي 25 هزار روپيه ڏنا ويندا جڏهن ته ڊبل ليگ جي بنياد تي کيڏيل هن ايونٽ جي مين آف دي فائنل کي بطور انعام 35 هزار  روپيه ملندا. ايونٽ جو فائنل 18 آڪٽوبر تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم راولپنڊي ۾ کيڏيو ويندو. پي سي بي موجب ٽورنامينٽ ۾ ورهائجندڙ تقريبن 90 لک روپين جي انعامي رقم ڊوميسٽڪ ڪانٽريڪٽ جي حامل رانديگرن کي ملندڙ ماهوار وظيفي ۽ ميچ فيس کان ڌار آهي.

Read Previous

ڀارتي اداڪار ريٿڪ روشن به ماهره خان جو مداح بڻجي ويو

Read Next

پاڪستان ۽ ڏکڻ آفريڪا وچ ۾ سيريز لاءِ ٻنهي بورڊن وچ ۾ صلاح مشوري جو سلسلو شروع

Most Popular