ضلعي ۾ مذهبي نفرت ڦهلائڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي:ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر

نوابشاھه: ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر چيو آھي ته ضلعي ۾ مذهبي نفرت ڦهلائڻ ۽ امن امان جي صورتحال ۾ رخنو وجهندڙن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي اھڙن خيالن جو اظھار ھن اڄ دربار ھال ۾ ضلعي ۾ مذهبي رواداري قائم رکڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي برقرار رکڻ لاءِ مختلف مڪتب فڪر علماء ڪرام سان ٿيل گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڪئي. ان موقعي تي ھن وڌيڪ چيو ڪجھه شرپسند عناصرمذھبي نفرت ڦھلائڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن انھن خلاف سخت قدم کنيا ويندا ھن عالم سڳورن تي زور ڏنو ته ڪنھن به قسم جي نفرت انگيز تقرير ڪرڻ يا اهڙي تقرير کي ڦهلائڻ کان پاسو ڪن ۽ سوشل ميڊيا تي ھلندڙ شرانگيز پوسٽن کي ڪنھن به صورت ۾ شئير نه ڪيو وڃي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلع انتظاميه پاران قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مدد سان مذهبي نفرت ڦھلائيندڙن تي ڪڙي نظر رکي پئي وڃي ھن عالم سڳورن کي اھا پڻ اپيل ڪئي ته مذهبي هم آهنگي ۽ ڀائيچاري جو پيغام عام ڪيو وڃي ته جئين نفرتن جو خاتمون ٿي سگھي.اجلاس کي خطاب ڪندي ايس ايس پي شھيد بينظيرآباد تنوير حسين تنيو چيو ته شھيد بينظيرآباد مذهبي رواداري وارو پرامن ضلعو آھي انھي لاءِ سڀني مڪتب فڪر جي عالم سڳورن کي گھرجي ته امن امان جي فضا کي قائم رکڻ لاءِ پوليس ۽ انتظاميه جو ساٿ ڏين ۽ شر پسند عنصرن جي نشاندهي ڪن ته جئين مذهبي نفرت پکيڙيندڙن خلاف ڪاروائي ڪري امن امان جي صورتحال کي برقرار رکي سگهجي.اجلاس ۾ ڄام فيروز انڙ،صوفي محمد سليم،سيد نور محمد شاھه،ساجد علي اويسي،مولانا افتخار احمد عباسي،عابد علي قادري،محمد حسين چانڊيو،سيد سبحان علي شاھه،مولانا ڪفايت حسين سميت ٻين عالم سڳورن ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايس ايس پي کي ضلعي ۾ مذهبي رواداري برقرار رکڻ ۽ امن امان جي صورتحال کي قائم رکڻ ۾ پنهنجي مڪمل تعاون جو يقين ڏياريو. اجلاس ۾ انڊس رينجرز آفيسر ذوالقرنين، انفارميشن آفيسر شير محمد جمالي سميت علماء ڪرام وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.

Read Previous

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ جو گنگا ٻائي اسپتال جو دورو ۽ دوائن جي انسپيڪشن

Read Next

خيرپور: روهڙي واسي هيڊڪانسٽيبل جي ظلم خلاف احتجاج ڪندي

Most Popular