خيرپور: روهڙي واسي هيڊڪانسٽيبل جي ظلم خلاف احتجاج ڪندي

خيرپور : روهڙي واسين جو جيڪب آباد جي هيڊ ڪانسٽيبل جي ظلمن خلاف خيرپور ۾ احتجاج، ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ جاني مالي نقصان جي ڌمڪين جا الزام،انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل مطابق سکر ضلع جي تعلقه روهڙي جي ڳوٺ نواب سولنگي لڳ منڊو ديرو جي رهواسي پيرسن چندي رام پنهنجي زال مسمات حسينه ۽ پٽ راجيش ڪمار اوڏ سان گڏجي خيرپور پهچي جيڪب آباد پوليس جي هيڊ ڪانسٽيبل معشوق اوڏ ۽ سندس پٽن رابيل اوڏ، برڪت اوڏ، روهڙي واسي مور ولد سيوڪ اوڏ ۽ روهڙي ٿاڻي تي مقرر ننڍو منشي معشوق ولد بابو لعل اوڏ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪندي دانهيو ته معشوق اوڏ جو لکيمر اوڏ وارن سان سنڱاوتي تڪرار هلندڙ آهي جو لکمير اوڏ وارن جو ساٿ ڏيڻ جي شڪ سبب معشوق اوڏ اسان خلاف تر جي پوليس معرفت اسان جي گهرن تي چڙهائيون ڪرائي رهيو آهي جنهن جي ظلمن کان تنگ ٿي تحفظ حاصل ڪرڻ خاطر اسان هاءِ ڪورٽ آف سنڌ سکر ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي ته ان تان هٿ کڻائڻ لاءِ روهڙي ۽ جهانگڙو ٿاڻي جي پوليس معرفت اسان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ جاني مالي نقصان پهچائڻ جون ڌمڪيون ڏيئي رهيا آهن. هنن آءِ جي پوليس سنڌ ڪراچي، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻه، ڊي آءِ جي پوليس سکر، ايس ايس پي سکر، ايس ايس پي جيڪب آباد، ايس ايڇ او ٿاڻه روهڙي، ايس ايڇ او ٿاڻه جهانگڙو ۽ ايس ايڇ او ٿاڻه آباد ضلع جيڪب آباد کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو ته هيڊ ڪانسٽيبل معشوق اوڏ ۽ سندس جي ساٿين جي ظلمن کان بچائي کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Read Previous

ضلعي ۾ مذهبي نفرت ڦهلائڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي:ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر

Read Next

جيڪب آباد ۾ عورت جو ڊاڪٽر مڙس خلاف احتجاج

Most Popular