ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ جو گنگا ٻائي اسپتال جو دورو ۽ دوائن جي انسپيڪشن

شڪاپور : اڄ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ گنگا ٻائي اسپتال جو دورو ۽ خريد ڪيل سرڪاري دوائن جي انسپيڪشن ڪئي. انسپيڪشن دوران بلن جو پڻ جائزو ورتو ويو. انسپيڪشن دوران خريد ڪيل دوائن جي بلن ۾ بيچ نمبر درج نه هئا. جنهن لاءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج گنگا ٻائي اسپتال جي ميڊيڪل سپرينڊنٽ وينگس اياز شيخ کي هدايت ڪئي ته بلن ۾ درستگي ڪرائي بيچ نمبر لڳرايا وڃن ته جيئن دوائون مٽ سٽ نه ٿي سگهن. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مشتاق احمد ڪلوڙ ڊي ايڇ او ڊاڪٽر شبير شيخ کي هدايت ڪئي ته ضلعي ۾ ڊرگ انسپيڪٽر ميڊيڪل اسٽورن جي دوائن جي چڪاس ڪري ۽ جيڪي سرڪاري ڊاڪٽر پرائيويٽ ڪلينڪون هلائي رهيا آهن انهن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ۽ پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽور سرڪاري اسپتالن کان 300 ميٽرن جي مفاصلي تي هجڻ گهرجن. ان موقعي تي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر شبير شيخ چيو ته هن ڊويزن ۾ فقط هڪ ڊرگ انسپيڪٽر آهي، جنهن کي پرائيويٽ ميڊيڪل اسٽورن تي دوائن جي چڪاس لاءِ لکيو ويندو. هن چيو ته دوائن جي خريداريءَ ۾ شفافيت جو وڌ ۾ وڌ خيال رکندا آهيون، پر ٽريزريءَ وارا 40 فيصد ڪميشن وٺن ٿا. جنهنڪري بلن کي ڪليئر ڪرائڻ ۾ مشڪلاتون اچن ٿيون. ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور کي بريفنگ ڏيندي گنگا ٻائي اسپتال جي ميڊيڪل سپرينڊنٽ ڊاڪٽر وينگس ٻڌايو ته سندس اسپتال ۾ روزانو 300 مريضن جي او پي ڊي آهي ۽ 3 کان 4 سيزر پڻ ڪيا ويندا آهن. هن چيو ته اسپتال ۾ ٻارن جي ڊاڪٽر جي کوٽ آهي ۽ اسپتال ۾ فقط 18 ڊاڪٽرياڻيون ڊيوٽيون ڏئي رهيون آهن. هن چيو ته صوبائي وزير امتياز احمد شيخ جي ڪوششن سان هن اسپتال کي عورتن واري ڌار اسپتال جو درجو ڏنو ويو آهي.  ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور مشتاق احمد ڪلوڙ جي انسپيڪشن دوران مريض عورتن نسرين بانو، امبرين ۽ منور دانهيندي چيو ته سندن کان الٽراسائونڊ ٽيسٽ ۽ بلڊ ٽيسٽ جي في ورتي وڃي ٿي ۽ دوائون ٻاهران وٺڻ لاءِ چيو وڃي ٿو. دانهيندڙ عورتن چيو ته هن سرڪاري اسپتال ۾ فقط غريب اچن ٿا جن وٽ کائڻ لاءِ 2 ويلا مشڪل آهن تنهن باوجود دوائون ٻاهران خريد ڪرڻ لاءِ لکي ڏنيون وڃن ٿيون. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شڪارپور دانهيندڙ مريضن ۽ ٻين مريض عورتن کي سرڪاري دوائون ڏياريون ۽ ايم ايس ۽ ڊي ايڇ او کي هدايت ڪئي ته شڪايتن جي ازالو ڪري اسپتال کي بهتر بڻايو وڃي.

Read Previous

اي پي سي تنقيد ۽ تعريف ليڪن اثرات ضرور ڪرندا..!

Read Next

ضلعي ۾ مذهبي نفرت ڦهلائڻ وارن خلاف سخت قانوني ڪاروائي ڪئي ويندي:ڊپٽي ڪمشنر ابرار احمد جعفر

Most Popular