جيڪب آباد : سول اسپتال جي ڊاڪٽر صبغت سومرو جي گهرواري مسمات زينب سومرو پنهنجي معصوم پٽ سان گڏجي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو مسمات زينب سومرو پنهنجي معصوم پٽ محمد طهٰ سومرو سان گڏجي پريس ڪلب پهچي مڙس ڊاڪٽر صبغت الله جي زيادتين خلاف احتجاج ڪيو، مڙس ڊاڪٽر صبغت الله سومرو پنهنجي وڏي گهرواري جي پٽن ۽ ڀائرن سان گڏجي منهنجي والد پاران مون کي ڏنل منهنجي ذاتي گهر تي قبضو ڪيو آهي مسمات زينب سومرو:آئون ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي آهي ۽ هاڻي وري ان تان هٿ کڻڻ لاءِ منهنجو مڙس ۽ سندس مائٽ مون کي ۽ منهنجي ٻارن کي اغوا ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، ايس ايس پي جيڪب آباد محمد طارق نواز نوٽيس وٺي تحفظ ڏئي انصاف فراهم ڪري.