جيڪب آباد ميونسپل جي رٽائرڊ ملازمن پاران پهگارون نه ملڻ خلاف احتجاج

جيڪب آباد:  جيڪب آباد ميونسپل جي رٽائرڊ ملازمن پاران ٻن مھينن کان پينشن نہ ملڻ خلاف احتجاج ڪيو، دادا بشير سومرو، حاجي دراني، نثار سولنگي ۽ ٻين پاران گذريل ٻن مهينن کان پينشن نه ملڻ واري عمل خلاف ڪالهه ٻئي ڏهاڙي به پريس ڪلب اڳيان پهچي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويوھنن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو تہ ٻن مهينن کان پينشن نہ ملڻ سبب فاڪاڪشي واري زندگي گذاري رهيا آهيون پر پينشن ناهي ڏني وئي، ھنن چيو تہ ايڊمنسٽريٽر مقرر نه هجڻ ڪري پگهارون جاري ناهن ڪيون ويون، 450 رٽائرڊ ملازم آهيون ۽ 500 کان وڌيڪ حاضر ملازم آهن سڀني کي پگهارون ناهن ڏنيون ويون جڏھن تہ پينشن جاري ڪري بيچيني ختم ڪئي وڃي.

Read Previous

جيڪب آباد ۾ عورت جو ڊاڪٽر مڙس خلاف احتجاج

Read Next

ميروخان ۾ صفائي جو نظام درهم برهم . ڊي سي ، اي سي ۽ ٽائون آفيسر خلاف پٽيشن داخل

Most Popular