ميروخان ۾ صفائي جو نظام درهم برهم . ڊي سي ، اي سي ۽ ٽائون آفيسر خلاف پٽيشن داخل

ميروخان : ميروخان ۾ گذريل ڪيتري وقت کان  صفائي جو نظام انتهائي ناقص ۽ انتظاميا جي ڪن لاٽار ھجڻ ڪري ھر ھنڌ گندگي ھجڻ خلاف ميروخان واسي نامياري وڪيل منصور ارشاد تنيو سول جج اينڊ مئجسٽريٽ ميروخان وٽ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي . وڪيل منصور ارشاد تنيو پنهنجي طرفان ڊي سي قمبر شهدادڪوٽ جاويد جاگيراڻي اسسٽنٽ ڪمشنر امير علي ميراڻي ٽائون آفيسر مشتاق سومرو ۽ سينيٽري انسپيڪٽر عبدالمجيد شيخ کي ڌر ڄاڻائي سندن خلاف داخل ڪيل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ميروخان ٽائون ڪاميٽي جي ماهوار بجيٽ هڪ ڪروڙ ۽ صفائي سٿرائي لاءِ عملو ۽ مشينري هجڻ جي باوجود  ميروخان شهر جي گندگي سبب حالت انتهائي خراب آهي . شهر جا اڪثر محلن چؤڪن چوراھن روڊ رستن اسڪولن مسجدن اڳيان گندگي جا ڍير ۽ نالين جي گندي پاڻي جا تلاء بيٺل آھن صفائي نه هجڻ برابر آهي جنهن ڪري شهر جو عوام گندگي جي عذاب کي منهن ڏئي رهيو آهي ۽ صفائي شهرين جو بنيادي حق آهي . جڏهن ته شهر جي واحد گورنمينٽ  گرلس ھائير سيڪنڊري اسڪول جي مين رستن تي نالين جو گندو پاڻي تلائن جو ڏيک ڏئي رهيو آهي جنهن ڪري تعليم پرائڻ لاءِ ايندڙ نياڻين ۽ پڙهائڻ لاءِ ايندڙ ٽيچرزس سميت محلي وارن توڙي اتان گذر ڪندڙ شھرين کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پوي ٿو . جنهن ڪري ڀٽو پئٽرول پمپ کان زاهد شادي هال تائين نالين جي مرمت ڪرائي گندو پاڻي نيڪال ڪري صفائي جو مسئلو مستقل بنيادن تي حل ڪيو وڃي . درخواست ۾ اهيو پڻ لکيو ويو آهي ته ميروخان شهر جي واحد پبلڪ لائبريري جيڪا گذريل برساتن ۾ ڇت ڪرڻ سبب ناڪاره بڻجي چڪي آهي ان جي مرمت ڪرائي پڙهائي لاءِ ايندڙ غريب شاگردن جو مسئلو حل ڪيو وڃي . ان کان علاوه ميروخان شهر جي تعلقه اسپتال موڙ کان عبدالله ميڊيڪل ڪامپليڪس تائين غير قانوني طور وڌايل انڪروچمينٽ کي برابري جي بنياد تي فوري طور ختم ڪرايو وڃي ته جئين روڊ ڪشادو ٿي هجڻ ڪري ماڻهو ٽرئفڪ جي آزار کان بچي سگهن . درخواست گذار وڪيل منصور ارشاد تنيو جي اهڙي درخواست داخل ڪرائڻ کان پوءِ سول جج ميروخان حبيب الرحمان ميمڻ حڪم جاري ڪندي ڊي سي قمبر جاويد جاگيراڻي ، اسسٽنٽ ڪمشنر امير علي ميراڻي ، ٽائون آفيسر مشتاق سومرو ۽ سينيٽري انسپيڪٽر عبدالمجيد شيخ کي هلندڙ مهيني جي 25 تاريخ تي طلب ڪري ورتو آهي . هوڏانهن ميروخان واسين پاران ميروخان شهر جي مکيه مسئلن جي حل لاءِ درخواست داخل ڪندڙ منصور ارشاد تنيو جي اهڙي وقتائتي عمل کي ساراهيو پيو وڃي ۽ ڪورٽ مان اميد ڪئي پئي وڃي ته ميروخان واسين کي انصاف فراهم ڪيو ويندو .

Read Previous

جيڪب آباد ميونسپل جي رٽائرڊ ملازمن پاران پهگارون نه ملڻ خلاف احتجاج

Read Next

لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن طرفان احتجاج جاري،پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال

Most Popular