لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن طرفان احتجاج جاري،پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻي ۾ کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن طرفان احتجاج جاري آهي، ڪالھ به لاڙڪاڻي ۽ ڪراچي مان کنڀي گم ڪيل نوجوانن جي وارثن هٿن ۾ پنهنجي پيارن جي تصويرن وارا بينر کڻي پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد علامتي بک هڙتال ڪئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ اقصيٰ دايو، نصرت دايو، رحمت خاتون سومرو، عبداللطيف سولنگي، نظر محمد مغيري ۽ ٻين صحافين آڏو دانهيو ته لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي مان 3 سال 4 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل پورهيت نوجوان انصاف دايو، مراد واهڻ پاڙي مان 2 سال 10 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل اسٽيٽ لائيف ملازم غلام مرتضيٰ سولنگي، خالق ڪالوني مان 10 مهينا اڳ کنڀي گم ڪيل نوجوان غلام عمر مغيري توڙي ڪراچي شهر مان مهينو اڳ کنڀي گم ڪيل ڀائرن شيراز احمد ۽ فراز احمد سومرو اڃان تائين آزاد نه ٿي سگهيا آهن، جنهن ڪري اسان جي گهرن ۾ سخت مايوسي ۽ پريشاني واري صورتحال ڇانيل آهي، پنهنجي پيارن جي کنڀجڻ کان پوءِ سندن جبري گمشدگين خلاف اسان مسلسل احتجاج ڪري بالا اختيارين کي اپيلون ڪري رهيا آهيون، پر هن وقت تائين اسان جي کنڀي گم ڪيل پيارن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي، خبر نه آهي ته انهن کي ڪهڙي ڏوھ ۾ کنڀي قيد ۾ رکيو ويو آهي. هنن سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، آرمي چيف، سنڌ حڪومت، وفاقي حڪومت سميت انساني حقن واري تنظيمن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان جي پيارن کي آزاد ڪرائي ڇانيل مايوسي ۽ پريشاني ختم ڪئي وڃي. 

Read Previous

ميروخان ۾ صفائي جو نظام درهم برهم . ڊي سي ، اي سي ۽ ٽائون آفيسر خلاف پٽيشن داخل

Read Next

سيپڪو شھدادڪوٽ جي لائين سپريڊنڊنٽ کي خرچي نه ملي، قبوسعيد خان ۽ ڪچي پل جي 3 سئو ڳوٺن جي بجلي بند

Most Popular