ايمن ۽ منيب کي ڌيءَ جي سالگره تي خوشي ملهائڻ مهانگي پئجي وئي، سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد

ڪراچي:    پاڪستاني اداڪاره ايمن خان ۽ منيب بٽ مٿان پنهنجي ڌيءَ جي سالگره ۾ تمام گهڻو پئسو خرچ ڪرڻ تي هڪ دفعو ٻيهر سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ٿي رهي آهي. ايمن خان ۽ منيب بٽ اداڪاري جي لاءِ ته مشهور آهن پر ڪيترن ئي هفتن تائين جاري رهندڙ شادي جون تقريبون  ۽ ان تي ٿيندڙ خرچن جي ڪري به هو سوشل ميڊيا جي نظرن  ۾ رهيو ۽ سخت تنقيد جو نشانو به بڻجي ويو. ايمن خان ۽ منيب بٽ 2 سال اڳ شادي ڪئي هئي ان جي شادي ۾ ڪيتريون رسمون ۽ فنڪشنز شامل هئا.  جنهن جي ڪري ان جي شادي ڪيترن ئي هفتن تائين هلي هئي ۽ هنن پنهنجي شادي جي هر فنڪشن ۾ پئسو دل کولي خرچ ڪيو هو. هڪ دفعو ٻيهر هي جوڙو سوشل ميڊيا  جي نشاني تي آهي اصل ۾ ايمن خان ۽ منيب بٽ جي ڌيءَ امل منيب گذريل مهيني 30 آگسٽ تي  هڪ سال جي ٿي وئي هئي. پر 30 آگسٽ تي ڪورونا جي ڪري ملڪ ۾ جاري لاڪ ڊائون ۽ محرم الحرام سبب هنن ٻنهي ڄڻن پنهنجي ڌيءَ جي پهرين سالگره سادگي سان ملهائي هئي جنهن ۾ صرف گهر ڀاتين شرڪت ڪئي هئي.   سالگره جون تصويرون ۽ وڊيوز گذريل ٽن ڏينهن کان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيو آهن ۽ صارفين هنن ٻنهي کي هڪ دفعو ٻيهر سالگره  جي تقريبن تي گهڻو پئسو خرچ  ڪرڻ جي لاءِ تنقيد جو نشانو بنائي رهيا آهن.

Read Previous

مهوش حيات محنتي عورتن جي همٿ وڌائڻ لاءِ پيغام جاري ڪري ڇڏيو

Read Next

آمريڪا کي سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا: چيني صدر

Most Popular