آمريڪا کي سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي دعوت ڏيون ٿا: چيني صدر

نيويارڪ:    چين آمريڪا کي سمورن مسئلن  کي حل ڪرڻ جي لاءِ ڳالهين جي آڇ ڪري ڇڏي آهي.  گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندي چيني صدر شي جن پنگ چيو آهي ته چين ڪنهن  به ملڪ سان ڪنهن به قسم جي جنگ جو ارادو نٿو رکي. هن تهذيهن جي ٽڪراءُ جي خطري کان خبردار ڪندي آمريڪا کي سمورا مسئلا ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي دعوت ڏني. شي جن پنگ خطاب دوران  وڌيڪ چيو ته چين ڪنهن به ملڪ سان ٿڌي يا گرم ڪنهن به قسم جي جنگ نٿو چاهي.  ڪورونا وبا دوران سياسي مقصدن جي استعمال کي سختي سان رد ڪريون ٿا. هن چيو ته ڪورونا وائرس جي خلاف سڀني کي گڏ ٿيڻو پوندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب دوران چيني صدر چيو ته ڪورونا وبا جي مقابلي لاءِ دنيا کي سائنسدانن جي هدايتن تي عمل ڪرڻو پوندو چين جي ڪورونا ويڪسين آزمائش جي ٽئين مرحلي ۾ آهي. هن چيو ته تياري کان پوءِ ويڪسين ترجيحي بنيادن تي ترقي يافته ملڪن تائين پهچائي ويندي جنهن کان پوءِ اها دنيا ۾ ماڻهن جي فلاح لاءِ ملي سگهندي. چيني صدر چيوته دنيا ۾ معيشت کي پيش ايندڙ چيلنجن کي ملي منهن ڏيڻو پوندو. ملڪن جي وچ ۾ اختلاف ڳالهين ذريعي حل ٿيڻ گهرجن. ماحولياتي تبديلي بابت قدمن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي. ياد رهي ته گڏيل قومن جي خطاب دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو هو ته چين کان سڄي دنيا ۾ ڪورونا وائرس پکيڙڻ جو حساب وٺڻ گهرجي. ان کان اڳ گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس پنهنجي خطاب ۾ چين ۽ آمريڪا جو نالو کڻڻ کان سواءِ چيو هو ته دنيا جي سمورن ملڪن کي سرد جنگ ۽ تڪرارن کان هر صورت ۾ بچڻو پوندو.

Read Previous

ايمن ۽ منيب کي ڌيءَ جي سالگره تي خوشي ملهائڻ مهانگي پئجي وئي، سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد

Read Next

زمبابوي جي حڪومت پنهنجي ٽيم کي پاڪستان جي دوري جي اجازت ڏئي ڇڏي

Most Popular