ڪورنگي ضلعي ۾ سنڌ سرڪار جي رٽ ختم، باوجود بچت بازارن ۾ ايس او پيز نظرانداز، بازارن ۾ رش

ڪورنگي : ڪورنگي ضلعي ۾ سنڌ سرڪار جي رٽ کي چيلنج ڪندي پابندي باوجود بچت بازارون لڳندڙ ايس او پي مڪمل طور نظر انداز بازارن ۾ عوامي رش سميت معصوم ٻارڙن جي به وڏي تعداد ۾ عورتن سان گڏ آمد ضلعي انتظاميه غير قانوني طور لڳندڙ بازارن کان لاعلم بڻيل اي ڊي سي ٽو ڪورنگي بچت بازارن کان بي خبري ظاهر ڪري ڇڏي .ڊي ايم سي ڪورنگي سميت لاڳاپيل ضلعي انتظاميه پابندي باوجود غير طور بچت بازارون لڳائيندڙ مافيا اڳيان بيوس بڻيل نظر اچي رهي آهي ان حوالي سان ورتل جائزي موجب سنڌ سرڪار پاران ڪرونا وائرس جي پکيڙ سبب پرهجوم عوامي هنڌ تي سميت ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ بچت بازارن تي به مڪمل طور پابندي مڙهي ڇڏي آهي مگر ضلعي ڪورنگي اندر مهراڻ ٽائون ڊرائيور لائسنس برانچ روڊ . بسم الله چوڪ مهران ٽائون .ڇپرا هوٽل بلاول چوڪي روڊ  ضياء ڪالوني ناصر چوڪي روڊ. ضيا ڪالوني مين چمڙا روڊ سميت مختلف هنڌن تي سرڪاري رٽ کي چيلنج ڪري مرحليوار وار بچت لڳائڻ جو سلسلو جاري آهي لڳندڙ بازارن ۾ ايس او پيز جي به ڀڃڪڙي ڪندي دڪاندارن توڙي خريداري لاء ايندڙ ماڻهو ماسڪ جو استعمال به نٿا ڪن جڏهن ته بازارن اندر خاص طور عورتن جي گهڻي آمد سبب ننڍن ٻارڙن جو وڏو انگ بازار ۾ موجود رهي ٿو جنهن سبب امڪاني ڪرونا وائرس جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي غيرقانوني طور پابندي باوجود لڳندڙ بچت بازارن خلاف ڪاروائي جي حوالي سان ڊي ايم سي ڪورنگي .ڊي سي ڪورنگي سميت پوليس انتظاميه مڪمل طور بيوس نظر اچي رهي آهي ذريعن موجب بچت بازار مافيا جي ضلعي انتظاميه سان ملي ڀڳت سندن خلاف ڪاروائي نه ٿيڻ جو سبب آهي جڏهن ته ان سلسلي ۾ اي ڊي سي ٽو ڪورنگي متهر امين لڳندڙ بچت بازارن بابت مڪمل طور لاعلمي ظاهر ڪندي چيو ته بازارن جي حوالي سان کيس ڪا به ڄاڻ ناهي هن وڌيڪ چيو ته معاملي جي انڪوائري ڪرائي غيرقانوني طور لڳندڙ بازارن کي بند ڪرايو ويندو اي ڊي سي ٽو ڪورنگي کي آگاهي ڏيڻ باوجود اڄ اربع ڏينهن مهراڻ ٽائون لائيسنس برانچ روڊ تي بچت بازار معمول جيان شام تائين هلندڙ هئي. ڪورنگي جي ساڃاه وندن پابندي باوجود لڳندڙ بچت بازارن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي سندن خلاف ضلعي انتظاميه کان  ڪاروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

Read Previous

لاڙڪاڻو : پ پ پارٽي يوٿ ونگ پاران چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو

Read Next

ڪراچي ۾ افغاني پٺاڻن ھٿان بي دردي سان قتل ڪيل عبدالحميد گبول جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي

Most Popular