ڪراچي ۾ افغاني پٺاڻن ھٿان بي دردي سان قتل ڪيل عبدالحميد گبول جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي

گلشن اقبال: گذريل ڏينھن صفوران ڳوٺ ويجھو بلوچ خان گبول ڳوٺ ۾ افغاني پٺاڻن ھٿان بي دردي سان مارجي ويل عبدالحميد گبول جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آھي پوليس شڪ جي بنياد تي وڌيڪ چئن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي تفصيلي خبر موجب ته گذريل ڏينھن بلوچ خان گبول ڳوٺ ۾ رستو نه ڏيڻ جي معمولي ڳالھ تان افغاني پٺاڻن تشدد ڪري عبدالحميد کي زخمي ڪيو ھو جنھن کي ويجھي اسپتال اندو ويو جتي عبدالحميد گبول زخمن جا سور نه سھندي  ڌم ڌڻي حوالي ڪيو ھو مقتول جي تڏي تي عذرخواھي جو سلسلو جاري آھي پ پ ايم پي اي سليم بلوچ۔ پ پ اڳواڻ لکھمير گبول۔جماعت اسلامي جي مرڪزي نائب امير مولانا اسدالله ڀٽو ۔پي ٽي آئي جي ايم پي اي ڪريم بخش گبول۔ علي رضا گبول۔ رحيم گبول ۽ ٻين شرڪت ڪري فاتح ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو ته واقعو افسوس ناڪ آھي واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ھنن چيو ته معمولي ڳالھ تان ڪنھن انسان کي قتل ڪرڻ انسانيت نه ھوندي آھي ھوڏانھن مارجي ويل عبدالحميد جي والد علي حسن گبول جو چوڻ ھو ته لخت جگر جي مارجي وڃڻ تي صدمو پھتو آھي  ٻئي پاسي ڪراچي ڊويلپمينٽ فورم اڳواڻ ايڊووڪيٽ محمد خان شيخ چيو آھي ته بيگناھ قتل ڪيل نوجوان عبدالحميد گبول جي قاتلن کي سزا ڏيارڻ لاء ڀرپور آواز اٿاريو ويندو. مقتول جي وارثن وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۔آء جي سنڌ ۽ آعلئ اختيارين کي اپيل ڪن ٿا ته جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آڻي کين سخت سزا ڏني وڃي.

Read Previous

ڪورنگي ضلعي ۾ سنڌ سرڪار جي رٽ ختم، باوجود بچت بازارن ۾ ايس او پيز نظرانداز، بازارن ۾ رش

Read Next

ميروخان شھر اندر صفائي نه ٿيڻ تي عوامي شڪايتن جو ٽائون آفيسر پاران شهر جو دورو

Most Popular