ميروخان شھر اندر صفائي نه ٿيڻ تي عوامي شڪايتن جو ٽائون آفيسر پاران شهر جو دورو

ميروخان : ٽائون ڪاميٽي ميروخان جي ٽائون آفيسر مشتاق احمد سومرو طرفان شھر جي مختلف محلن جي رھواسين طرفان گندي ھجڻ ۽ صفائي نه ٿيڻ جي  شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ٽائون ڪاميٽي جي ملازمن سان گڏجي شھر جي مختلف علائقن ۽ محلن تنيا محلا ابڙا محلا سومرا محلا لطيف آباد ڪالوني بروھي محلا گلشن آباد يوسف ڪالوني ڀٽي محلا جو ھنگامي دؤرو ڪري شھرين سان ملاقاتون ڪري شھر اندر صفائي جي صورتحال جو جائزو ورتو ان موقعي تي شھرين طرفان صفائي نه ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون ويون ان موقعي تي ٽائون آفيسر مشتاق سومرو شھرين ۽ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان کي ايم پي اي گھنور خان اسراڻ طرفان ھدايتون آھن ته شھر اندر صفائي جي حوالي سان توھان پاڻ وزٽ ڪيو ۽ جيڪي به عوامي مسئلا آھن اھي حل ڪيو ھن وڌيڪ چيو ته گذريل ڪيتري عرصي کان ھتي ڪوبه ڪم ڪار نه ٿيو آھي جنھن جي ڪري شھر اندر گندگي جا ڍير ٿي ويا ھيا منھنجي نئين مقرري ٿئي آھي ۽ منھجي ڪوشش آھي ته شھر کي مڪمل صاف سٿرو رکون ان ۾ توھان ڏسندا ھوندا ته شھر اندرصفائي جي حوالي سان جيڪو ڪم ھلي پيو مان پاڻ شھر اندر ٿيندڙ صفائي جو جائزو وٺڻ ۽ اوھان شھرين جو شڪايتون ختم ڪرڻ لاء ڪم شروع ڪيو آھي جيڪو به صفائي جي حوالي سان فون يا ڪا شڪايت ڪري ٿو مان اتي پھچي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪيان پيو اسان جي ٽيم طرفان ھر گھٽي جو دؤرو ڪري پئي جيڪا به شڪايت ھجي توھان ٻڌايو ڪوشش ڪري جلد کان جلد ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين حشر ڏاڍو خراب آ شھر جو ڏک به ڏاڍو ٿئي ٿو ھن وڌيڪ چيو ته منھنجي سڀ کان پھرين ترجيع شھر جي صفائي آھي ھي شھر توھان ۽ اسان جو آھي مان سموري شھر جو معائنو ڪيو آھي ۽ اوھان شھر وارن جي تڪليفن جو احساس آھي ۽ شھر اندر صفائي واري ڪم جي شروعات ڪري ڇڏي آھي ۽ ڪجھ ڏينھن دوران ئي توھان کي شھر مڪمل صاف نظر ايندو ھن وڌيڪ چيو ته ڪنھن به محلي اندر صفائي نه ٿيڻ يا صفائي عملو نه پھچڻ جي شڪايت ھجي ته اھو رابطو ڪري اھو مسئلو جلد کان جلد حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ان موقعي تي ٽائون ڪاميٽي جا ملازم اسحاق مگسي اسحاق ڀٽي محمد ڪريم بروھي غلام حسين چنو ۽ ٻيا موجود ھئا

Read Previous

ڪراچي ۾ افغاني پٺاڻن ھٿان بي دردي سان قتل ڪيل عبدالحميد گبول جي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي

Read Next

لاڙڪاڻي جي جوڙي ميرپور ماٿيلو جي عدالت پهچي پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو

Most Popular