ماڊل ايان علي پنهنجي آمدني جو پنجاهه سيڪڙو فلاحي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور:  ماڊل ايان علي پنهنجي آمدني جو 50 سيڪڙو حصو فلاحي ڪمن جي لاءِ خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايان علي چيو آهي ته پنهنجي ڊيبيو البم ۽ سمورن پروجيڪٽس جو 50 سيڪڙو منافعو فلاحي ڪمن تي خرچ ڪندس. هن چيو ته عورتن ۽ ٻارن جي فلاح لاءِ ڪم ڪري رهي آهيان. هميشه سوچيو ته دنيا ۾ بهتري جي لاءِ ڇا ڪري سگهان ٿي. ياد رهي ته 2010 ۾ تيزي سان اڀرندڙ ماڊل ايان علي فلاحي ڪمن جي لاءِ اين جي او به ٺاهي آهي. ماڊل ايان علي  2015 ۾ پاڪستاني ميڊيا تي  ان وقت خبرن جي زينت بڻجي جڏهن کيس پرڏيهه ويندي ايئرپورٽ تان گرفتار ڪيو ويو ۽ ان مٿان مني لانڊرنگ جا الزام لڳايا ويا.

Read Previous

سجاد علي منهنجو پسنديده گلوڪار آهي:سونونگم

Read Next

اپوزيشن کي عوام ۾ اعتماد بحال ڪرڻ گھرجي ۽ نيازي خلاف مضبوط حڪمت عممي سان ميدان تي لھڻ گھرجي

Most Popular