اپوزيشن کي عوام ۾ اعتماد بحال ڪرڻ گھرجي ۽ نيازي خلاف مضبوط حڪمت عممي سان ميدان تي لھڻ گھرجي

عبدالمجيد بروھي پاڪستان چي سياست تي ھميشا پوري ۾ کل ۽ ٺٺول جي ور چڙھيل رھي ٿو ان سياست کي ڪجھ ٽائيم جي لاء ڀٽي شھيد ۽ ان بعد شھيد راڻي ھڪ مثالي ڪردار ادا ڪري پاڪستان جي سياست کي بـ دنيا اندر مڃتا ڏياريائون اڄ ڪلھ جي پاڪستان ۾ جيڪو ڪجھ ٿي رھيو ۽ جيڪا سياسي راند ڪجھ ڌريون پردي پويا کيڏي رھيا آھن ان سان بـ جڳ جھان ۾ رسوا ٿي رھيا آھن تـ صرف ۽ صرف سياستدان ھن حڪومت مان جيڪي اميدون ھن قوم کي ھيون اھي سمورا خواب ھن نيازي پنھنچي خراب حڪمراني ۽ صرف ڪوڙ واري حڪومت سبب پوري پاڪستان جي عوام جا خواب چڪنا چور ٿي ويا آھن اڄ اٽو ناياب آھن اڄ کنڊ بـ نـ نٿي ملي پنجونجاھ روپيا في ڪلو ملندڙ کنڊ جو ڪلو نيازي جي حڪومت جي اچڻ شرط پنجھتر روپين تائين وڃي پھتو ان بعد جڏنھن ھن نوٽيس ورتو تـ کنڊ جي قيمت ۾ گھٽتائي بجا قيمتن ۾ وڌيڪ اضافي ٿي ويو ۽ اڄ نيازي جي ڪري کنڊ 100 روپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رھيو آھي مديني جي رياست ۾ چورن ۾ اھو فرق آھي تـ چورن جي دور ۾ اٽو في ڪلو ٽيھ روپيا ۾ وڪرو ٿيندو ھيو اڄ مديني جي رياست ۾ اٽي جو في ڪلو 60 روپين ۾ پيو ملي چورن جي حڪومت ۾ دوائن جي قيمتن ۾ اضافو ٿيڻ بجاء انھن جي قيمتن ۾ گھٽتائي ڪئي ويندي ھئي اڄ مديني جي رياست ۾ دوائن جي قيمتن ھڪ ڌڪ سان 265 فيصد اضافو ڪيو ويو آھي غريب عوام جيڪو عمران جي ناھلي جي ڪري بک بدحالي جو شڪار ھيا اڄ اھي مٿي جي سور گوري لاء بـ پريشان آھن عمران خان صاحب يوٽيليٽي اسٽورز تي اٽي تيل گيھ جي قيمتن ۾ بـ 20 فيصد اضافو ڪري ڇڏيو آھي ھنن ٻن۔  سالن جي دور ۾ عمران خان جي حڪومت ٻيو ڪجھ ڀلي نـ ڪيو ھجي پر انھن عام واھپي جي شين سميت دوائن جي قيمتن گئس بجلي جي قيمتن ۾ ھر مھيني مرحليوار اضافو ضرور ڪيو آھي اڄ پاڪستان جو عوام ٻن سالن ۾ ئي ھنن مان بيزار آھي اتي ھن وقت عوام کي روڊن تي آڻڻ لاء اپوزيشن کي بـ پنھنجو ڪردار ادا  ڪرڻ گھرجي پاڪستان جي عوام کي ھن وقت اپوزيشن تي بـ اعتماد نٿو اچي ان کان اڳ بـ اپوزيشن وارا ڪيترائي ڀيرا حڪومت کي مختلف قانون پاس ڪرڻ ۾ مدد ڪندا رھيا آھن تازو فيٽف جي آڙ ۾ جيڪو ڪارو قانون حڪومت وارا پاس ڪرائي ويا ان ۾ بـ اپوزيشن وارن انھن جو ساٿ ڏنو مشترڪا اجلاس ۾ اپوزيشن جا ووٽ حڪمرانن کان وڌيڪ ھيا پر اتي بـ اھي ھارائي ويا صرف ڏھن ووٽن تان اپوزيشن وارن جا 36 اسيمبلي ميمبر اجلاس ۾ آيا ئي نـ ھيا انھن ۾ آصف علي زرداري تـ بيمار ھجڻ سبب اجلاس ۾ نـ آيو ۽ پ پ پ جو خرشيد شاھ بيب وٽ قيد ھجڻ سبب اچي نـ سگھيو باقي گھڻا ميمبر ن ليگ جا ھيا جيڪي اجلاس ۾ شامل نـ ٿيا ۽ حڪومت وارا بل پاس ڪرائي ويا پ پ پ پاران ڪوٺايل اي پي سي ۾ سمورن اپوزيشن وارن شرڪت ڪري ٻڌي جو ثبوت ضرور ڏنو آھي جيڪو روڊ ميپ اپوزيشن وارن ڏنو آھي اگر ائين ان تي ھليا تـ ڪاميابي اپوزيشن وارن جي ٿيندي اگر وري بـ ھتي بـ سياست سياست واري راند کيڏي وئي تـ پوء اپوزيشن وارا ڪڏنھن بـ ھڪ ٿي نـ سگھندا اڄ مولانا فضل الرحمان کي جيڪي خدشا آھن اھي خدشا ان جا جائز آھن انـسان جيڪو ڪجھ ان جي آزادي مارچ دوران وڏين پارٽين پاران ڪيو ويو ان سان ان کي وڏو نقصان پيو ھيو پوء بـ ھو اڄ وري بـ انھن مٿان اعتماد ڪري اي پي سي سميت اپوزيشن اتحاد ۾ شامل ٿيو آھي ھاڻي بال پ پ پ ۽ ن ليگ جي ڪورٽ ۾ آھي ھاڻي انھن کي ـسنجيدگي سان ھڪ آواز ٿي ھن نااھل حڪمرانن خلاف ميدان تي نڪرڻو پوندو چاھي ڪيترو بـ اھي ناھل حڪمران انھن کي پريشرائز ڪرائين کين نيب نيازي ڳٺ جوڙ تحت حراسان ڪن جيل موڪلن ڪجھ بـ ڪن پر ھاڻي انھن سڀني کي پير پوئتي نـ ڪرڻ گھرجن ڇو تـ ھن وقت اگر اھي پوئتي ھٽيا تـ پوء پاڪستان جو عوام بـ مايوس ٿي ويندو ۽ اپوزيشن بـ ٽڪڙا ٽڪڙا ٿي ويندي ان جي سڀ کان پھريان اپوزيشن اتحاد وارا قومي اسيمبلي ۾ ھڪ آواز بڻجي ان ڌر بڻيل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي جي رٿ آڻين ۽ وڏي حڪمت عملي سان گڏجي ان خلاف ڪاميابي حاصل ڪري سياسي ڌماڪو ڪري ڏيکارين جنھن سان پوري قوم کي ھڪ ڀيرو ٻيھر اپوزيشن مٿان اعتماد اچي ويندو ۽ اپوزيشن اتحاد پڻ مضبوط بڻجي ويندي ۽ عمران خان کي بچائيندڙ پڻ سوچڻ تي مجبور ٿي ويندا ۽ اھي پڻ سندس پٺڀرائي ڪرڻ کان ھٿ ڪڍي ويندا ان سان گڏوگڏ اھي سياسي بونا جيڪي ڪڏنھن بـ ھڪ پارٽي ۾ نٿا رھن جيڪي ڪالھ ن ليگ ق ليگ پ پ پ وارن سان گڏ ھيا اڄ پي ٽي آء ۾ آھن اھي سڀ جا سڀ وري وفاداري بدلائڻ ۾ دير نـ ڪندا انھن جي ووٽ جي مدد سان عمران کي بـ ان ھائوس ووٽ جي ذريعي گھڙ ڀيڙو ڪري سگھن ٿا ان جي لاء تمام ضروري آھي اعتماد کي بحال ڪرڻ قوم جي اعتماد کي ۽ اپوزيشن اتحاد ۾ شامل پارٽين کي جيڪي خدشا آھن انھن کي بـ دور ڪرڻ جي لاء مضبوط حڪمت عملي جوڙي ميدان تي نڪري دمادم مست قلندر ڪرڻ گھرجي ۽ سڀ کان پھريان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي گھر ڀيڙو ڪري تحريڪ جي شروعات ڪرڻ گھرجي 

Read Previous

ماڊل ايان علي پنهنجي آمدني جو پنجاهه سيڪڙو فلاحي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Read Next

حڪومت ۽ اپوزيشن معاملو سنگين آهي..؟؟؟

Most Popular