سجاد علي منهنجو پسنديده گلوڪار آهي:سونونگم

ممبئي: ڀارتي گلوڪار سونونگم پاڪستاني گلوڪار سجاد علي کي پنهنجو پسنديده گلوڪار قرار ڏئي ڇڏيو. سونونگم گذريل ڏينهن انسٽاگرام تي سجاد علي سان ڪجهه تصويرون شيئر ڪيون ۽ انهن تصويرن جو پسمنظر ٻڌائيندي چيو آهي ته هي تصويرون 19 مارچ تي ورتيون ويون جڏهن عديل فاروق اسان کي عاطف علي جي اسٽوڊيو جو جائزو وٺن لاءِ وٺي ويو، اتفاق سان اتي سڀني کان وڌيڪ قابل احترام گلوڪار ۽ موسيقار ۽ منهنجو سڀ کان وڌيڪ پسنديده سجاد علي به پنهنجي پٽ سان موجود هو. سونونگم سجاد علي جي تعريف ڪندي چيو ته مونکي سجاد علي جي اها ڳالهه پسند آئي ته هو اتي اسان جو انتظار ڪري رهيو هو ته اسان پهريون ڀيرو ملاقات ڪري سگهون، اسان ڏيڍ ڪلاڪ تائين ڪچهري ڪئي، آئون ان شام جون ڪجهه يادگار تصويرون شيئر ڪريان ٿو.  

Read Previous

نائجيريا ۾ گيس ٽينڪر جو ڌماڪو: نو شاگردن سميت اٺاويهه ڄڻا مارجي ويا

Read Next

ماڊل ايان علي پنهنجي آمدني جو پنجاهه سيڪڙو فلاحي ڪمن تي خرچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

Most Popular