جمائما برطانوي حڪومت جي بچاءُ لاءِ ڪورونا کان مدد گهري ورتي

لنڊن: وزيراعظم عمران خان جي اڳوڻي گهر واري جمائما خان برطانوي حڪومت جي بچاءُ لاءِ ڪورونا وائرس کان مدد گهري ورتي آهي.تفصيل  موجب برطانيه ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڪورونا وائرس جي لهر ڊيرا ڄمائي ورتا آهن جنهن کان پوءِ برطانوي وزيراعظم نئين پاليسي متعارف ڪرائيندي فوج کان مدد گهري ورتي آهي ۽ ماسڪ نه پائڻ جي سزا ٻه سئو پائونڊ رکي آهي.ٻئي طرف پنهنجي حڪومت جي خلاف بي باڪ خيالن جو اظهار ڪندڙ جمائما پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هڪ دفعو ٻيهر ڍڪيل لڪيل لفظن ۾ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بنايو.هن پنهنجي توئٽ ۾ لکيو ته اسان ان هنڌ تي پهچي چڪا آهيون جو ڪورونا وائرس پاڻ هڪ پريس ڪانفرنس ڪري ۽ اسان کي ٻڌائي ته هن حڪومت مان ڪيئن ڇوٽڪارو حاصل ڪري سگهجي ٿو.

Read Previous

سلامتي ڪائونسل جو اجلاس: چيني ۽ آمريڪي نمائندن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

Read Next

چاچي خلاف ڀائيٽي جو قرآن پاڪ کڻي سنڌ آفيس ميھڙ ۾ احتجاج انصاف جي گھر

Most Popular