چاچي خلاف ڀائيٽي جو قرآن پاڪ کڻي سنڌ آفيس ميھڙ ۾ احتجاج انصاف جي گھر

ميهڙ:  ميھڙ ڪڪول ڪناري جي رھواسي رٽائر پرائمري استاد محمد عرس کوسو جو پٽ اعجاز کوسو قرآن پاڪ کڻي  صحافين وٽ پھچي دانھيندي چيو تہ منھنجو چاچو حاجي روشن کوسو ۽ سئوٽ شاھد کوسو اسان جي 800 پلاٽ ۽ جاء مٿان قبضو ڪيو آھي مان قرآن پاڪ کڻي ويو ھئس تہ مون مٿان تشدد ڪري شديد زخمي ڪري واپس ڪري ڇڏيوآھي ھن چيو تہ منھنجو والد رٽائر پرائمري استاد آھي ۽ جيڪو اڌ رنگ ھجڻ ڪري پڻ شديد بيمار آھي جنھن جي علاج لاء ڪابہ واھر نہ آھي ھن چيو تہ مون مسڪين سان ھن قران پاڪ جي صدقي مدد ڪئي وڃي اگر انصاف نہ مليو تہ پنھنجو پاڻ کي باھ ڏيندس جيڪو بہ نقصان ٿيو تہ ان جا ذميوار منھنجو چاچو ۽ سئوٽ ھوندا

Read Previous

جمائما برطانوي حڪومت جي بچاءُ لاءِ ڪورونا کان مدد گهري ورتي

Read Next

گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ اڇي مک ڪاهي پئي،هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيو،زراعت کاتو بي خبر بڻيل

Most Popular