سلامتي ڪائونسل جو اجلاس: چيني ۽ آمريڪي نمائندن ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ

نيويارڪ: گلوبل گورننس بابت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ آمريڪي ۽ چيني نمائندن وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي. خبر موجب چيني نمائندي زانگ جن پاران اجلاس ۾ خطاب دوران آمريڪا کي ڪورونا بابت الزام هڻڻ تي سخت جواب ڏيندي چيو ته هاڻ بس گهڻو ٿيو گهڻو ٿيو، توهان دنيا لاءِ پهريان ئي ايتريون مشڪلاتون پيدا ڪيون آهن، جيڪڏهن ڪنهن تي الزام هڻي سگهجي ٿو ته اهي ڪجهه آمريڪي سياستدان آهن. چيني نمائندي چيو ته آمريڪا کي سمجهڻ کپي ته وڏي طاقت جو رويو وڏن وانگي هجڻ گهرجي، آمريڪا مڪمل طور تي اڪيلو ٿي چڪو آهي. چيني نمائندي جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا ۾ ڪورونا جا 70 ڪيسز ۽ 2 لک کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون، جديد ترين ميڊيڪل ٽيڪنالوجي رکندڙ آمريڪا ۾ ايتريون فوتگيون ڇو ٿيون؟ ان موقف جي ٻين به تائيد ڪئي. ان موقعي تي آمريڪي نمائندي به سخت موقف اختيار ڪندي چيو ته توهان سڀني کي شرم اچڻ گهرجي، بحث جي اڄ واري مواد تي آئون حيران آهيان، مونکي دراصل سلامتي ڪائونسل تي شرم ٿو اچي، ڪائونسل جي ميمبرن اهم مسئلن بجاءِ سياسي بغض تي ڌيان ڏنو.

Read Previous

عمر اڪمل ڪيس: عالمي ثالثي عدالت ويجهي ملڪ ۾ ٻڌڻي جي درخواست رد ڪري ڇڏي

Read Next

جمائما برطانوي حڪومت جي بچاءُ لاءِ ڪورونا کان مدد گهري ورتي

Most Popular