گهوٽڪي جي مختلف علائقن ۾ اڇي مک ڪاهي پئي،هزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل کائي چٽ ڪري ڇڏيو،زراعت کاتو بي خبر بڻيل

گهوٽڪي: گهوٽڪي ضلعو زراعت جي حوالي سان ٽاپ ڪلاس سڏيو ويندڙ گهوٽڪي ضلعو هن مهل زراعت جي حوالي زيرو تي پهتو آهي، جڏهن ته ضلعي گهوٽڪي ۾ ووئڻن جي فصل تي اڇي مک جو حملو ٿي پيو آهي، جنهن سبب اڇي مک هزارين ايڪڙ فصل تباھ ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته اڇي مک ضلعي گهوٽڪي جي مختلف شهرن ۾ ڪاهي پئي آهي، اڇي مک پيادل گهمندڙ ماڻهن توڙي موٽر سائيڪل تي ويندڙ ماڻهن جي اکين ۾ پوڻ لڳي آهي، جڏهن ته اڇي مک جي حملي سبب ووئنڻن جو فصل مڪمل طور تباھ ٿي ويو آهي، جنهن سبب ووئنڻن جو فصل ڪارو ٿي ويو آهي، جڏهن ته ووئنڻن جي فصل جا پن تباھ ٿي ويا آهن، ۽ پنهنجي وقت کان اڳ ئي گوگڙو ڦوٽاڙو ڪري ويو آهي، ۽ ڦٽي چونڊيندڙ عورتن جا هٿ ڪارا ٿي ويا آهن، ۽ پنن توڙي اڇي مک جي ڊسٽ نڪ ۽ اکين ۾ پوڻ سبب ڪيتريون ئي عورتون بيمار ٿي پيون آهن، جڏهن ته اڇي مک جي حملي کان پوءِ ڦٽي جو فصل في ايڪڙ 1مڻ کان 2 مڻ پيداوار ڏيڻ لڳو آهي، جڏهن ته پنجاب کان ايندڙ غير معياري دوائون ۽ غير معياري ٻج سبب اڇي مک جو حملو ٿي آهي، غير معياري ٻج جي استعمال سان ٻج ۾ قوت مدافعت نه هجڻ سبب دوائون اثر ڪرڻ ڇڏي ڏنيون آهن، دوائون غير معياري ۽ نقلي هجڻ ڪري آبادگارن کي لکين روپين جو نقصان پهتو آهي، ۽ آبادگار هندو سيٺن جا ڪروڙين روپين جا قرضي بڻجي ويا آهن، جڏهن ته زراعت کاتي به ٻوٽو ناهي ٻاريو، جڏهن ته زراعت کاتو مال ميڙڻ ۾ مصروف آهي، هوڏانهن آبادگار ڪنگال ٿي ويا آهن، سندن جي هن مهل تائين ڪنهن به سار ناهي لڌي، ان حوالي سان آبادگارن منظور احمد جلباڻي، خالد چانڊيو، ڄام لاشاري، الله ڏيوايو، رحيم بخش جلباڻي، الله وڌايو بوزدار، ۽ ٻين ميڊيا کي ٻڌايو ته ووئنڻن جو فصل تباھ ٿي ويو آهي ۽ اسان قرضي بڻجي ويا آهيون، زراعت کاتي وارا مال ميڙڻ ۾ پورا آهن، هنن وسوارن کان مطالبو ڪيو آهي ته نقلع دوائون هلائيندڙ ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف نقلي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ جي حوالي سان رابطي ڪرڻ تي ايڊيشنل ڊائريڪٽر زراعت ضلع گهوٽڪي عبدالمجيد وسطڙو سان رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته سومر جي ڏينهن انهن دوڪاندارن خلاف مان پاڻ ڪاروائي ڪندس، ڇو ته مون ڪافي ڀيرا شڪايتون مليون آهن ته هتان جا آفيسر منٿليون وٺن ٿا، ان ڪري مان پاڻ ٽيم وٺي ڪاروائي ڪندس ۽ انهن خلاف ڪاروائي ڪندس.

Read Previous

چاچي خلاف ڀائيٽي جو قرآن پاڪ کڻي سنڌ آفيس ميھڙ ۾ احتجاج انصاف جي گھر

Read Next

ڊرٻ ميهر شاھ جي اڄڻ مائينر جي زرعي پاڻي تي باثرن جو ڌاڙو،آبادگارن پاران احتجاجي مظاهرو

Most Popular