ڀارت مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جو سهولتڪار نڪتو، چوئيتاليهه بينڪ مني لانڊرنگ ۾ ملوٿ نڪتا

نئين دهلي: امن دشمن ڀارت دشتگردن جو سهولتڪار ۽ مني لانڊرنگ ڪندڙ وڏو ملڪ بڻجي ويو. مودي سرڪار جي چوري پڪڙي وئي، عالمي اداري ڀارتي بينڪن جي ذريعي ڏيڍ ارب ڊالرن کان وڌيڪ مني لانڊرنگ جا ترديد نه ٿيڻ جوڳا شاهد دنيا جي سامهون پيش ڪري ڇڏريا آهن.  چور مچائي شور جي مثال ڀارت مٿان ٺهڪي اچي ٿي. فنانشل ڪرائم انفورسمنٽ نيٽ ورڪ جي رپورٽ ۾ ڀارت طرفان مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جي امڪاني مالي مدد جو انڪشاف ٿيو آهي.  44 ڀارتي بينڪ مني لانڊرنگ ۾ ملوث آهن جن مان پنجاب نيشنل بينڪ، ڪوٽڪ مهاندرا، ايڇ ڊي ايف سي، ڪناره بينڪ، انڊس لينڊ بينڪ، بينڪ آف بروزا شامل آهن. عالمي اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي  بينڪن 3201 غيرقانوني ٽرانزيڪشن جي ذريعي 1 ارب 53 ڪروڙ ڊالر مني لانڊرنگ ڪئي. ايڏي وڏي رقم ڪٿان آئي ۽ ڪنهن ڪهڙي مقصد لاءِ استعمال ڪئي. اهڙا اهم سوال اٿاريا ويا آهن.  گڏيل قومن جي تازي رپورٽ ۾ ڪيراله ۽ آسام ۾ دهشتگرد گروپن جي موجودگي جي نشاهي ڪئي وئي آهي. ڀارتي ريٽائرڊ ميجر گورو آريا پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ رقم جي ورهاست جو انڪشاف ۽ گرفتار ڀارتي جاسوس ڪلبهوشن ياديو پاڪستان ۾ ڀارت جي رياستي دهشٿگردي جو اعتراف ڪري چڪو آهي.

Read Previous

سکن جي پارٽي شرومني اڪالي دل ڀارتي حڪومت کان الڳ ٿي وئي

Read Next

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ ڇهه ماڻهو فوت، ڇهه سئو چورانوي نوان ڪيس رپورٽ

Most Popular