پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ ڇهه ماڻهو فوت، ڇهه سئو چورانوي نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد: پاڪستان ۾ ڪورونا سبب 6 وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا آهن جڏهن ته 694 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. پاڪستان ۾ ڪورونا بابت انگ اکر ٻڌائيندڙ ويب سائيٽ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ملڪ ۾ ڪورونا جا 36468 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان 694 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي جڏهن ته وائرس جي ڪري وڌيڪ 6 ماڻهو فوت ٿيا آهن. سرڪاري پورٽل موجب سنڌ ۾ ڪورونا جي ڪل مريضن جو انگ 135766 ٿي ويو آهي جڏهن ته 2486 ماڻهو هن وقت تائين فوت ٿي چڪا آهن. پنجاب ۾ ڪورونا جي ڪل مريضن جو انگ 99128 آهي ۽ 2230 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي فوت ٿيا آهن جڏهن ته بلوچستان ۾ مريضن جو ڪل انگ 15013 جڏهن ته 145 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن. خيبرپختونخواهه ۾ ڪورونا جي مريضن جو انگ 37617 ۽ 1258 فوتگيون ٿيون آهن جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 2649 ماڻهو وائرس ۾ مبتلا ٿي چڪا آهن ۽ 71 ماڻهو فوت ٿيا آهن. ان کان علاوه گلگت بلتستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا جي مريضن جو انگ 3662 ۽ 85 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

Read Previous

ڀارت مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جو سهولتڪار نڪتو، چوئيتاليهه بينڪ مني لانڊرنگ ۾ ملوٿ نڪتا

Read Next

اپوزيشن جي الزامن کي وقت ثابت ڪري ڏيکاريو آهي: شبلي فراز

Most Popular