سکن جي پارٽي شرومني اڪالي دل ڀارتي حڪومت کان الڳ ٿي وئي

نئين دهلي: ڀارت ۾ هارين بابت تڪراري قانون جي منظوري تي سکن جي پارٽي شرومني اڪالي دل احتجاجي طور تي ڀارتي حڪمران اتحاد کان الڳ ٿي وئي. پارٽي صدر سک بير سنگهه چيو آهي ته شرومني اڪالي دل زراعت بابت قانون سازي تي اتحاد کان الڳ ٿي، ڀارتي حڪومت فصلن کي قانوني تحفظ ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي. سکن جي پارٽي شرومني اڪالي دل جي صدر سک بير سنگهه بادل چيو آهي ته شرومني اڪالي دل اين ڊي اي جو حصو نٿي رهي سگهي، پارٽي جو اهڙو فيصلو ڀارتيا جنتا پارٽي(بي جي پي) جي هٺ ڌرمي جي رويي، هارين ۽ سکن جي مسئلن تي حڪومت جي بيحسي جي نتيجي ۾ ڪيو ويو آهي. سک بير سنگهه جو وڌيڪ چوڻ هو ته سموري ڀارت ۾ هاري ان مسئلي تي احتجاج ڪري رهيا آهن. ياد رهي ته شرومني اڪالي دل هندو انتهاپسند پارٽي بي جي پي پراڻي اتهادي آهي.

Read Previous

سعودي عورتن ايمبولينس سروس جي ذميداري به سنڀالي ورتي

Read Next

ڀارت مني لانڊرنگ ۽ دهشتگردن جو سهولتڪار نڪتو، چوئيتاليهه بينڪ مني لانڊرنگ ۾ ملوٿ نڪتا

Most Popular