اپوزيشن جي الزامن کي وقت ثابت ڪري ڏيکاريو آهي: شبلي فراز

اسلام آباد: سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته ڪورونا وبا جي حوالي سان اپوزيشن جي الزامن ۽ خدشن کي وقت ثابت ڪيو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ سڌ سماءَ جي وفاقي وزير شبلي فراز جو چوڻ آهي ته ڪورونا کان وٺي عام ماڻهن جي صحت، روزگار ۽ ڪاروبار جي بحالي تائين حڪومتي پاليسين جا مثبت نتيجا سامهون آهيا آهن ۽ ڪورونا وبا جي حوالي سان اپوزيشن جي الزامن ۽ خدشن کي وقت ثابت ڪيو آهي. شبلي فراز وڌيڪ چيو ته ڏکين حالتن ۾ اعليٰ ڪاڪردگي ڏيکارڻ عمران خان جي حقيقي سڃاڻپ آهي، وزيراعظم جي ڪامياب ويزن جي شاهدي انگ اکر ڏئي رهيا آهن، پنجاب ۾ ڪورونا ڪيسن جو انگ 98 هزار 864، سنڌ ۾ 1 لک 35 هزار 246 آهي، جڏهن ته  سنڌ ۾ 2477 فوتگيون ٿيون آهن، خيبرپختونخواهه ۾ 37525 ڪيسز ۽ 1258 فوتگيون ٿيون، اسلام آباد ۾ ڪيسز 16324 ۽ 181 فوتگيون ٿيون.

Read Previous

پاڪستان ۾ ڪورونا سبب وڌيڪ ڇهه ماڻهو فوت، ڇهه سئو چورانوي نوان ڪيس رپورٽ

Read Next

اپوزيشن پاران گلگت بلتستان جي چونڊن ۾ حصو نه وٺڻ جو فيصلو

Most Popular