لاهور: پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽرمصباح الحق جو چوڻ آهي ته هن وقت ترجيح ورلڊ ڪپ ڪواليفڪيشن جا پوائنٽس ۽ ميگا ايونٽ جي لاءِ مضبوط ڪامبينيشن جي جوڙجڪ آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آخري ون ڊي ميچ گذريل سال آڪٽوبر ۾ سريلنڪا جي خلاف ڪراچي ۾ کيڏيو ۽ هاڻ 30 آڪٽوبر تي ون ڊي ميچ زمبابوي جي خلاف کيڏندي. اهڙي طرح پاڪستاني ٽيم کي ون ڊي ميچ کيڏندي هڪ سال کان به وڌيڪ ٿي ويو آهي. اهڙي ۾ بابر اعظم ون ڊي جي به ڪپتاني سنڀالي ورتي آهي. ڏٺو وڃي ته هن اڃان تائين ڪنهن به ون ڊي ۾ ڪپتاني ناهي ڪئي هو زمبابوي جي خلاف پهرين ميچ ۾ ڪپتاني ڪندو. ان حوالي سان پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق چيو آهي ته زمبابوي جي خلاف سيريز ۾ بهتر انداز ۾ کيڏنداسين خوشي جي ڳالهه اها آهي ته ون ڊي سيريز جي شروعات پاڪستان کان ئي ڪري رهيا آهيون پنهنجي ملڪ ۾ کيڏي هميشه خوشي ٿيندي آهي.