پي سي بي جو نيشنل فريم ورڪ پاليسي تي اهم اجلاس سڀاڻي ملتان ۾ ٿيندو

لاهور:پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جو نيشنل فريم ورڪ پاليسي تي اهم اجلاس سڀاڻي ملتان ۾ ٿيندو.  هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباحالحق جي ملتان ۾ موجودگي سبب ان ۽ ٽيسٽ ڪپتان اظهرعلي جي پي سي بي جي اعليٰ عهديدارن سان ملاقات ممڪن ناهي. نيشنل فريم ورڪ پاليسي جي اجلاس ۾ هيڊڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق، بالنگ وقار يونس، هيڊ آف انٽرنيشنل پلينرز ڊولپمينٽ ثقلين مشتاق ۽ هيڊ آف هاءِ پرفارمنس ڪوچنگ گرانٽ بريڊ برن شريڪ ٿيندا ۽ اڄ اهي سمورا ملتان ويندا جڏهن ته ڪووڊ-19 ايس او پيز مڪمل ڪرڻ کانپوءِ اجلاس ۾ شرڪت ڪندا، ان ۾ ڪووڊ-19 ٽيسٽ به شامل آهي. نيشنل فريم ورڪ پاليسي ۾ 6 ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ ٽيمن جا ڪوچز به شريڪ ٿيندا ۽ ڪجهه انٽرنيشنل رانديگرن کي به گهرايو ويو آهي ۽ پاليسي کان آگاهه ڪيو ويندو، کين ٻڌايو ويندو ته مستقبل لاءِ ڪهڙي منصوبابندي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ان ۾ رانديگرن جي لاءِ به رولز شامل آهن. قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ ۽ چيف سليڪٽر مصباح الحق آڱاري تي سليڪشن ڪاميٽي جي ميمبرن سان به ملاقات ڪندو، زمباوي ۽ ٻين سيريز جي حوالي سان به پلانز ترتيب ڏني ويندي.

Read Previous

ورلڊ ڪپ ٻه هزار ٽيويهه لاءِ مضبوط ٽيم جي جوڙجڪ اهم حدف آهي: مصباح الحق

Read Next

پرڏيهي فوج جو افغانستان مان تڪڙو نڪرڻ غيردانشمنداڻو فيصلو آهي:عمران خان

Most Popular