سنگاپور چهري ذريعي شهرين جي تصديق ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو

سنگاپور: : ) دنيا ۾ هر ايندـڙ نئين ڏينهن تي نيون ايجادون ۽ ٽيڪنالاجيز سامهون اچي رهيون آهن  جنهن کان پوءِ ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان ٽيڪنالوجيز کي حڪومتي سطح تي استعمال به ڪيو پيو وڃي. اهڙي ئي هڪ جديد ٽيڪنالاجي سنگاپور ۾ استعمال ٿيڻ وڃي رهي آهي جنهن کي سنگ پاس جو نالو ڏنو ويو آهي. يعني سنگاپور چهري جي ذريعي شهرين جي تصديق ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويندو. بائيوميٽرڪ طريقي سان سڃاڻپ لاءِ سنگاپور جي شهرين کي  حڪومتي ۽ خانگي سروس تائين پهچ جي اجازت هوندي.  سنگاپور جي ٽيڪنالوجي ايجنسي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته هي ٽيڪنالاجي ملڪ جي ڊيجيٽل اڪانومي جي بنياد هوندي. هڪ بئنڪ ۾ هن ٽيڪنالاجي جي ڪامياب آزمائش کان پوءِ هاڻ هن ٽيڪنالوي کي سموري سينگاپور ۾ لاڳو ڪيو پيو وڃي. هن ٽيڪنالاجي جي ذريعي نه صرف سامهون واري شخص جي سڃاڻپ ٿيندي آهي پر هي ان ڳالهه کي به يقيني بنائيندو آهي ته ماڻهو حقيقت ۾ موجود آهي.

Read Previous

بيجنگ ۾ ڇهه مهينن بعد آٽو شو، اڏامندڙ ڪار ميلو لٽي وئي

Read Next

ورلڊ ڪپ ٻه هزار ٽيويهه لاءِ مضبوط ٽيم جي جوڙجڪ اهم حدف آهي: مصباح الحق

Most Popular