دپيڪا اين سي بي جي پڇا ڳاڇا دوران ٽي ڀيرا روئي پئي

ممئي: باليووڊ اداڪاره دپيڪا پدڪون نارڪوٽيڪس ڪنٽرول بيورو(اين سي بي) پاران ڪيل پڇا ڳاڇا دوران 3 ڀيرا روئي پئي. ڀارتي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن اين سي بي جي جاچ دوران اداڪاره دپيڪا پدڪون 3 ڀيرا روئي پئي، هن مينيجر ڪرشمه پرڪاش کان منشيات جي حوالي سان ڪيل واٽس ايپ چيٽ جو به اعتراف ڪيو پر هن منشيات استعمال جي سمورين دعوائن جي ترديد ڪئي. ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب اداڪاره کان جاچ اداري تقريبن 6 ڪلاڪن تائين جاچ ڪئي هئي. گذريل ڏينهن باليووڊ جي مشهور اداڪاره دپيا پدڪون ۽ سندس مينيجر ڪرشمه پرڪاش جي 2017 دوران واٽس ايپ چيٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي جنهن ۾ مبينا طور تي دپيڪا پدڪون هن کان منشيات گهرائي رهي آهي. ان چيٽ جي سامهون اچڻ کانپوءِ ڀارتي جاچ اداري نارڪوٽيڪس ڪنٽرول بيورو دپيڪا پدڪون، ساره علي خان، شرڌا ڪپوي ۽ راڪول پريت سنگهه کي سمن جاري ڪيو هو. ياد رهي ته سشانت سنگهه راجپوت جي موت واري ڪيس ۾ منشيات جي معاملي تي هن وقت تائين رياچڪرورتي ۽ سندس ڀاءُ سميت 12 ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

Read Previous

شاهد ڪپور نيٽ فلڪس سان هڪ سئو ڪروڙن جو معاهدو ڪري ڇڏيو

Read Next

عائزه خان جي ننڍي ڀيڻ جي شوبز ۾ انٽري، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

Most Popular