شاهد ڪپور نيٽ فلڪس سان هڪ سئو ڪروڙن جو معاهدو ڪري ڇڏيو

ممبئي: باليووڊ اداڪار شاهد ڪپور آن لائن اسٽريمنگ سائٽ نيٽ فلڪس سان 100 ڪروڙ ڀارتي روپين جي ڊيل سائن ڪئي. عالمي وبا ڪورونا سبب سموري دنيا ۾ شوبز انڊسٽري کي به شديد نقصان پهتو آهي ۽ حفاظتي قدمن کي نظر ۾ رکندي سموري دنيا جا سينيما هالز به بند آهن. سينيما هالز بند هجڻ ڪري ڪيترائي پروڊيوسر ڊجيٽل پليٽ فارمز طرف ڌيان ڏيڻ لڳا آهن ۽ آن لائن اسٽريمنگ سائنس تي فلمي ۽ ويب سيريز رليز ڪري رهيا آهن. ڀارتي ميڊيا موجب شاهد ڪپور طرفان نيٽ فلڪس سان ڪيل 100 ڪروڙ روپين جي ڊيل ۾ نيٽ فليڪس جا ڪيترائي پروجيڪٽ شامل آهن ۽ هاڻ شاهد ڪپور باليووڊ جي ٻين ادڪارن وانگي پنهنجو ڊجيٽل ڊيبيو ڏيندو. باليووڊ اداڪار شاهد ڪپور مشهور آن لائن اسٽريمنگ سائٽ نيٽ فلڪس تي فلم ۽ سيريز ڪندو جنهن ۾ فڪشن سيريز به شامل آهي.

Read Previous

پرڏيهي فوج جو افغانستان مان تڪڙو نڪرڻ غيردانشمنداڻو فيصلو آهي:عمران خان

Read Next

دپيڪا اين سي بي جي پڇا ڳاڇا دوران ٽي ڀيرا روئي پئي

Most Popular