عائزه خان جي ننڍي ڀيڻ جي شوبز ۾ انٽري، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

ڪراچي:  پاڪستاني اداڪاره عائزه خان جي ننڍي ڀيڻ حبا خان جي تازو ئي ڪيل فوٽو شوٽ جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيون آهن. ڊرامه سيريل(ميري پاس تم هو، پياري افضل ۽ ٿورا سا حق جهڙن سپر هٽ ڊرامن ۾ ڪم ڪندڙ عائزه خان هن وقت پاڪستان شوبز انڊسٽري جي مشهور ترين اداڪاره آهي. اداڪاري سان گڏوگڏ عائزه خان مختلف برانڊز جي لاءِ ماڊلنگ به ڪندي آهي. تازو ئي عائزه خان هڪ مشهور برانڊ جي لاءِ ماڊلنگ ڪئي آهي جنهن ۾ ان جي ننڍي ڀيڻ حبا خان به پنهنجي ڀيڻ سان گڏ ماڊلنگ ڪنڊي نظر اچي رهي آهي. حبا خان جي تصوير نه صرف سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي پر هن جي ماڻهن طرفان به تمام گهڻي تعريف ڪئي پئي وڃي.  هونئن ته هن فوٽو شوٽ کي حبا خان جي شوبز ۾ انٽري قرار ڏنو پيو وڃي پر حبا خان ان کان اڳ به خانگي چينل جي ڊرامي ڪهي ان ڪهي ۾ بطور چائلڊ آرٽسٽ ڪم ڪري چڪي آهي.

Read Previous

دپيڪا اين سي بي جي پڇا ڳاڇا دوران ٽي ڀيرا روئي پئي

Read Next

مودي سرڪار جي هوندي پاڪ ڀارت سيريز جو ڪو به امڪان ناهي: شاهد آفريدي

Most Popular