افغانستان ۾ عورتن جو پهريون ”فٽنس ڪلب“ قائم

ڪابل: انتهاپسند ملڪ افغانستان ۾ جتي عورتن طرفان راندين ۾ حصو وٺڻ کي خراب سمجهيو ويندو آهي، اتي پهريون ڀيرو باحجاب عورتن لاءِ ”فٽنس ڪلب“ قائم ڪيو ويو. خابرو اداري رائٽرز موجب ماضي ۾ طالبان جي ڳڙهه افغانستان جي صوبي قنڌار جي راڄڌاني شهر ۾ ”فٽنس ڪلب“ قائم ڪيو ويو آهي، جتي هڪ ئي وقت 50 عورتون ورزش ڪري سگهن ٿيون. قنڌار ۾ ”فٽنس ڪلب“ جو قيام عورتن جي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ سماجي اڳواڻ 36 سالن جي مريم دراني پاران ڪيو ويو آهي جيڪا عورتن جي هڪ خاص ريڊيو اسٽيشن به هلائيندي آهي. مريم دراني کي 2012 ۾ اڳوڻي صدر جي زال مشل اوباما ”انٽرنيشنل ويمن آف ڪريج ايوارڊ“ سان به نوازيو ويو جڏهن ته عورتن لاءِ مفت قانوني خدمتون به ڏئي ٿي.  

Read Previous

مودي سرڪار جي هوندي پاڪ ڀارت سيريز جو ڪو به امڪان ناهي: شاهد آفريدي

Read Next

پراڻي مُھري، پوءِ به ڀانڊن ڀڃڻ کان نه ويندي.

Most Popular