پراڻي مُھري، پوءِ به ڀانڊن ڀڃڻ کان نه ويندي.

مٺيون ڀيڙي ڀڄ جي ڪڙي

سيد غلام حيدر شاهه قلندري.

ڏاھا چوندا آهن ته ماڻهوءَ جون عادتون گھٽ بدلبيون آھن، ڀلي کڻي ڪيترو به پاڻ کي سڌاري پوءِ به ڪٿي نه ڪٿي، ڪنهن نه ڪنھن موڙ تي پاڻ کي ضرور ظاھر ڪندو، ائين انسان پنهنجو نسل، ڪاروبار مائٽاڻو نه ڪندين به ظاهر ڪري ڇڏيندو آهي، جوانيءَ واريون عادتون لڪائيندين پوڙھائپ ۾ به نٿيون ڇُٽن، ڪنهن راند جا شوقين چُري نه سگھڻ جي صورت ۾ ٻين رانديگرن جي راندين مان خاميون پيشيون ضرور ڪڍندا ۽ پنهنجي گزريل دؤر جي راند جي فالتو ۾ خبرون ٻڌائيندا، ٻيو ڪير نه به ٻڌي پر ويچارو اولاد ڦاٿو ان کي پيا صبح شام ڊوز ڏيندا، ائين شڪاري، ڪاروباري حضرات، گھوڙي سوار مطلب ته سڀ ننڍپڻ جا شوق ريٽائرڊ ٿيڻ بعد به لڪائي نه سگهندا، پر ياد رکو ھڪ سياستدان ۽ ٻيو منافق مرڻ تائين ريٽائرڊ ناھن ٿيندا ڀلي ملڪ الموت سيرانديءَ کان بيٺو ھجي، جيڪڏهن ٻئي کان ويندا تڏهن به اشارن جي ذريعي نه ته وصيتن جي ذريعي به خلق کي وڙهائي ويندا، پوءِ پويان پيا ڀوڳيندا، اھڙا واقعا روزمره جي زندگيءَ ۾ اسان کي ملن ٿا، ائين ڊاڪٽر، حڪيم، ٻيو ٽيڪي ڊرائيور، خاص ڪري ٽيڪٽر ڊرائيور انھن ۾ وري ھڪ خاص قسم جي خصلت ھوندي آھي جيڪا استاد در استاد ورثي ۾ ملندي رھندي آهي، ڀلي کڻي آخر ۾ پهتل پير ڇو نه ٿي وڃي، پر ڪنھن نه ڪنھن روپ ۾ پنهنجا لڇڻ ضرور ڪنھن گس رستي تي ڇڏيندو ويندو، مقصد چوڻ جو وڏن سياڻن پنهنجين چوڻين ۾ جيڪو ڪجهه چيو آهي اھو سراسر سچ ۽ انھن جي ڪمال جو تجربو ھو.
چون ٿا ھڪ جوئا کيڏڻ وارو جڏھن کُٽي پوندو آهي ته ماچيس جي تيلين تي يا مٽيءَ جي ٺھيل ٽٽل ٿانون جي ٺڪرين تي به جوئا ضرور رهندو، ائين اڄڪلهه جوئا جا نت نوان طريقا دريافت ڪيا ويا آهن، خبر ناھي ڪھڙن ڪھڙن ڪمن تي شرطون لڳائي جوئا کيڏي وڃي ٿي، اصل ۾ زندگي به ھڪ جوئا آھي، بدي يا برائي ڪھڙي به قسم جي جوئا ڪري ڏسو، پوءِ انھن ٻنھي قسمن ۾ وڏا وڏا کيل رکيل آھن، ھن وقت جو وڏي ۾ وڏو کيل منافقت ۽ ڪوڙ آهي جيڪو ايڏي وڏي تيزيءَ سان اسان جي ھر شعبي ۾ ھڪ سونامي طوفان جيئان داخل ٿي رھيو آھي، جنهن وڏي ۾ وڏو معاشرتي الميو پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو وڏي چالاڪي سان ھر ھڪ شعبي ۾ داخل ٿي پنهنجا پير اھڙي ريت قابو ڪندو پيو وڃي جو ڄڻ ظاھر ٿيندي ٿيندي ڪم ڪريو ٿو وڃي، اھا ھڪ اھڙي ھير يعني عادت آھي جيڪا ريٽائر نٿي ٿئي، ڪٿان نه ڪٿان نانگ ۽ وڇونءَ کان وڌيڪَ زھريلي پنهنجو نه ختم ٿيڻ وارو زھر نسلن تائين پويان ڇڏي ٿي وڃي، ته وڏڙن ويچارن سچ چيو آھي، اھا ھڪ قسم جي اسان لاءِ وڏي ھدايت آهي، منافق ظاھري ايڏو مٺو ۽ معصوم مظلوم جي ويس ۾ ھوندو جتي اوھان ڀلجي ويندا، ان جي ٺڳي فريب دوکي ۾ ڦاسي پوندا، بس دوستو سنڌي چوڻي آهي پراڻي مُھري، پوءِ به ڀانڊن ڀڃڻ کان نه ويندي. اھڙا روح جڏھن پرکي وڃو پوءِ اوھان تي فرض عائد ٿو ٿئي ته اھڙن معاشري جي ناسوري زخمي ڦٽن کان مٺيون ڀيڙي ڀڄو

Read Previous

افغانستان ۾ عورتن جو پهريون ”فٽنس ڪلب“ قائم

Read Next

نوري آباد حادثي جو ذميوار ڪير..؟