مودي سرڪار جي هوندي پاڪ ڀارت سيريز جو ڪو به امڪان ناهي: شاهد آفريدي

ڪراچي: پاڪستان جي اڳوڻي ڪرڪيٽ جي ڪپتان شاهد آفريدي چيو آهي ته مودي سرڪار جي هوندي پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ سيريز جو ڪو امڪان ناهي. هڪ خليجي اخبار کي انٽرويو ۾ شاهد آفريدي چيو آهي ته پاڪستان گڏيل سيريز لاءِ تيار آهي پر ڀارت جي هاڻوڪي سرڪار جي هوندي ڪرڪيٽ لاڳاپا بحال ٿيڻ ممڪن نٿو لڳي. پاڪستان پليئرز جي آءِ پي ايل ۾ عدم موجودگي جي حوالي سان آفريدي چيو آهي ته آئون ڄاڻان ٿو ته انڊين ليگ هڪ وڏو برانڊ ۽ ان ۾ کيڏڻ بابراعظم يا ڪنهن به ٻئي پاڪستاني ڪرڪيٽر لاءِ وڏو موقعو هوندو آهي، هنن کي دٻاءَ ۾ کيڏڻ جو تجربو ٿئي ها، ان ڪري منهنجي خيال ۾ پاڪستاني رانديگرن کي هڪ وڏو پليٽ فارم موجود ناهي.

Read Previous

عائزه خان جي ننڍي ڀيڻ جي شوبز ۾ انٽري، تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل

Read Next

افغانستان ۾ عورتن جو پهريون ”فٽنس ڪلب“ قائم

Most Popular