نوري آباد حادثي جو ذميوار ڪير..؟

پيار علي چانڊيو

سنڌ ۾ ھيانءُ ڏاريندڙ واقعا روز جو معمول بڻيل آھن پر ڪي اھڙا جيءُ جھوريندڙ حادثا به اکين اڳيان گذرندا آھن جن تي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي دل افسوس سان گڏ سڪتي طاري ۾ ھلي ويندي آھي ۽ توبھ جي تنوار ڪري زاري ڪندي آھي , ھونئن ته اھي دکدائڪ واقعا ۽ حادثا نوان ناھن پر افسوس تڏھن ٿيندو آھي ته انھن قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ باوجود قانون ۽ سندس جا رکوالا ڪجھ وقت گرم نظر ايندا آھن ۽ وري وقت پڄاڻان ڪن لاٽار ۽ غفلت سبب ڪو جيءُ جھوريندڙ واقعو پيش ايندو آھي ۽ پوءّ قانون جي اک کلندي آھي ,
ملڪ ۾ پيٽرول جون قيمتون مناسب اگهه کان وڌي وڃڻ کانپوءِ ٽرانسپورٽرن توڙي عام ماڻهن پاران سفر جي سهولت کي سستو بڻائڻ لاءِ گاڏين ۾ سي اين جي ڪٽون هڻائي آسان سفر ڪرڻ شروع ڪيو ئي مس هو ته سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ ٽرانسپورٽ تي هلندڙ مسافر گاڏين بسن ، وينن توڙي ڪوسٽرن ۾ سلينڊرن جو ڦاٽڻ ۽ قيمتي انساني جانين جو ضايع ٿيڻ معمول بڻجي چڪو آهي , حڪومت توڙي وس وارن تي فرض هو ته ٽرانسپورٽ جي گاڏيء ۾ ٿيل پهرين ڌماڪي کانپوءِ ئي ترت حفاظتي اپاء وٺڻ ۽ انهن ڌماڪن کي روڪڻ لاءِ ڪا قانونسازي يا ڪي حفاظتي اپاء وٺن ها پر وقت سر ڪا به ڪاروائي نه ٿيڻ جي ڪري ٽرانسپورٽرن پاران گيس تي هلندڙ گاڏين جا سلينڊر تبديل نه ڪرڻ ۽ انهن جي مناسب مرمت نه ڪرڻ جي ڪري ڏينهون ڏينهن گاڏين ۾ گيس سلينڊر ڦاٽڻ ۽ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ هڪ رواج بڻجي ويو آهي , سنڌ جي مختلف شهرن توڙي قومي شاهراهن تي هلندڙ گاڏين ۾ گذريل ڪجھ عرصي دوران ڇرڪائيندڙ واقعا پيش اچي چڪا آهن جن ۾ سيٺارجا واقعي کان وٺي مٽياري , سکر , خيرپوپور ۽ ٺٽي ۾ مسافر گاڏين ۾ لڳل باھ دوران ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ ڪيترا انسان اپاھج بڻيا , انهن واقعن کانپوءِ ماڻهن ۾ خوف واري لهر ڇانيل هئي ۽ ماڻهو ويگنن ۽ ٻي ٽرانسپورٽ ۾ سفر ڪرڻ کان لنوائي رهيا هئا پر ٿيڻ واري کي ڪير ٿو روڪي سگهي ,
اھڙن حادثاتي سانحن مان گذريل ڏينهن جو واقعو آهي ته نوري آباد ڀرسان جوکيا موڙ وٽ حيدرآباد کان ڪراچي ويندڙ مسافر وين ٽائر برسٽ ٿيڻ سبب ڪلٽي ٿي پئي، جنهن کي باهه لڳي وئي. باهه واقعي جي اطلاع تي پوليس ۽ ريسڪيو ٽيمن پهچي حادثي جي فوتين ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو . موٽر وي ترجمان موجب سڙي تباهه ٿي ويل وين مان 13 لاش ۽ 5 زخمين کي ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ معصوم ٻار کي به زخمي حالت ۾ ٻاهر ڪڍيو ويو، وين ۾ 18 مسافر سوار هئا. ھوڏانھن صوبائي وزير اويس قادر شاهه چيو ته تيز رفتاري سبب ٽاءِ راڊ ٽٽڻ سبب وين سان حادثو پيش آيو، موٽروي جون ٽيمون دير سان پهتيون. اويس قادر شاهه چيو ته وينن مان سلينڊرز ڪڍڻ لاءِ مهم هلائڻ سان گڏ سخت ڪارروايون جاري آهن، نوري آباد سانحي جَي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه واقعي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي ۽ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ کان واقعي جي رپورٽ طلب ڪري ورتي. چيف سيڪريٽري سنڌ ممتاز علي شاهه، سيڪريٽري صحت کي زخمين کي فوري طور طبي سهولت فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي , جڏھن ته اھڙي حادثي جي عيني شاھدن مطابق ته وين ڪلٽي ٿيڻ شرط سي اين جي گئس سيلينڊر ڌماڪي سان فاٽي پيو ۽ وين کي باھ وڪوڙي ورتو , باھ جي شعلن ۾ وين اندر پنھنجو ساھ جو سڳو ٽٽندي ڏسي مسافر عورتون توڙي ٻارڙا اکين سان موت ڏسي باھ جي شعلن ۾ سڙي رک ٿي ويا ۽ جيڪي زخمي حالت ۾ ٻاھر نڪتا تن جو جسم سڙي چڪو ھو ۽ درد منجھان رڙيون ڪري رھيا ھئا , وڏو الميو ته اھو ھو جو ان وقت باھ لڳل وين اندر عورتون ۽ ٻارڙا جان بچائڻ لاءّ اڀ ڏاريندڙ دانھون ڪري رھيا ھئا پر ڪير ان مچ ۾ گھڙي کين بچائي ۽ اھڙي طرح ان دکدائڪ واقعي ۾ ھڪ ئي خاندان سان تعلق رکندڙ 13 مسافر سڙي اجل جو شڪار ٿي ويا ,
حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته ويگنن ۽ ٻين ٽرانسورٽ جي گاڏين ۾ سلينڊر جي ڦاٽڻ ۽ قيمتي انساني جانين ضايع ٿيڻ جا ذميوار ٽرانسپورٽر ۽ حڪومت پڻ آهي ڇو ته جيڪڏهن حڪومت پنهنجي ڪيل فيصلن تي سختي سان عمل ڪرائي ها ته وڌيڪ واقعا پيش نه اچن ها سيٺارجا ۾ مسافر وين ۾ ٿيل ڌماڪي کانپوءِ ڪجھ ضلعن اندر سي اين جي تي هلندڙ ويگنن تي قلم 144 لاڳو ڪيو هو جنهن تي جيڪڏهن سختي سان عمل ٿئي ها ته نوري آباد وارو ڏکوئيندڙ واقعو پيش نه اچي ها , ماضي جي واضع ڳالھ آھي ته سيٺارجا واقعي کانپوءِ سنڌ جي ضلعي حڪومتن سي اين جي تي هلندڙ گاڏين تي قلم 144 لاڳو ڪندي کين سلينڊر چيڪ ڪرائڻ ۽ انهنجي مرمت ڪرائڻ لاءِ گاڏين جي وٺ پڪڙ شروع ڪرائي ته با اثر ٽرانسپورٽ مافيا ۽ سي اين جي اسٽيشنز جا مالڪ ان عمل ۾ رڪاوٽ بڻجي ويا ۽ لاڳو ڪيل قلم 144 تي ڪو به عمل نه ٿي سگهيو , واقعن جو ويگن جي ڊرائيورن مالڪن سميت ٻين ڪجهه ماڻهن جي خلاف ڪيس به داخل ڪيا ويا پر پراپر طريقي سان جاچ نه ٿيڻ جي ڪري اڄ ڏينهن تائين ثابت نه ٿي سگهيو آهي ته گيس سلينڊر جي ڦاٽڻ سبب ضايع ٿيل قيمتي انساني جانين جوذميوار ڪير ھو … ؟
جيڪڏهن ان عمل تي مڪمل عملدرآمد ٿئي هان ۽ سي اين تي هلندڙ سمورين گاڏين جي سلينڊرن کي چيڪ ڪيو وڃي ها ۽ انهن جي مرمت ڪئي وڃي ها ته شايد وڌيڪ اهڙا واقعا پيش نه اچن ها ,
سنڌ ۾ خاص ڪري ريلوي جو نظام تباھ ٿيڻ کانپوءِ ماڻهن جو سفر جو واحد ذريعو پرائيويٽ ٽرانسپورٽ ئي آهي جنهن تي با اثر ٽرانسپورٽ مافيا جو قبضو آهي , ڪجهه تجزيه نگارن جو اهو به چوڻ آهي ته ٽرانسپورٽ مافيا هٿ وٺي ريلوي کي تباھ ڪرايو آهي ته جيئن سندن پرائيويٽ گاڏيون وڌيڪ ڪمائي سگهن , ظلم جي انتها اها به چئجي ته ٽرانسپورٽ وارا غريب مسڪين لاچار بي پهچ ۽ بي سهارا ماڻهن کان ڪرايو ته پيٽرول جي اگھ جو وٺن ٿا پر گاڏين ۾ سي اين جي گيس ڀرائي ٻنهي پاسن کان منافعو ڪمائي رهيا آهن ۽ پيٽرول جو اگھ وڌڻ سان ئي ٽرانسپورٽر ڀاڙن ۾ اضافو ڪري ڇڏين ٿا ۽ انجو سبب اهو ٻڌائين ٿا ته پيٽرول مهانگو ٿي ويو آهي، ٽريفڪ جي قانون موجب سي اين جي تي هلندڙ گاڏين جي مرمت ۽ سار سنڀال لاءِ هڪ ڊپارٽمينٽ جوڙيل آهي جيڪو غيرفعال آهي يا هٿ وٺي انکي ڪم ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي جنهن جي قانون موجب گيس سلينڊر هر پنج سالن کانپوءِ تبديل ڪرڻ آهي ۽ هر سال انجي مرمت يا ليڪيج چيڪ ڪرڻ بابت ڪم ڪرڻو آهي جنهن تي ڪوبه عمل نه ٿيڻ جي ڪري اهڙا واقعا وڌي رهيا آهن , ٽريفڪ جي قانون ۾ اهو به شامل ڪيو وڃي ته سلينڊر جي ڌماڪي سبب فوت ٿيندڙ مسافرن جي لاءِ معاوضو حڪومت سان گڏوگڏ انهن ٽرانسپورٽرن تي به لاڳو ڪيو وڃي جن جي لاپرواهي سبب اهڙا واقعا پيش اچي رهيا آهن ۽ ڌماڪن سبب زخمي ٿيلن جو علاج معالجو کاڌ خوراڪ ۽ گهرن جو ڪاروهنوار هلائڻ لاءِ پڻ ٽرانسپورٽ مافيا کي خرچ برداشت ڪرڻو پوندو جيڪڏهن ٽرانسپورٽ مافيا کي اهڙي خرچ جو دباءُ وڌو ويندو ته پوءِ ئي اهي پنهنجي سلينڊرن ۽ گاڏين جي سار سنڀال ڪندا ۽ اهڙا واقعا گهٽجي سگهن ٿا ,
سنڌ ۾ سي اين جي سلينڊر سبب وڌندڙ واقعن ۾ ضايع ٿيندڙ قيمتي انساني جانين بعد ٽرنسپورٽرن جو اھو ئي موقف ٻڌڻ ۾ ايندو آھي ته سي اين جي جي ڌماڪن جو وڏو ڪارڻ اهو به آهي ته مسافر سفر جي دوران گاڏين ۾ سگريٽ پيئن ٿا ۽ گيس جي ليڪيج هئڻ جي ڪري سگريٽ مان ئي گيس کي باهه لڳي ٿي جنهن ڪري ڌماڪا ٿين ٿا ۽ بيگناهه ماڻهو مارجي وڃن ٿا تنهن ڪري اهڙن واقعن کي روڪڻ لاءِ هاڻي ٽرانسپورٽرن تي اها ذميداري لاڳو هوندي ته پنهنجي گاڏين جا گيس سلينڊر گاڏين جي هيٺان هڻڻ بدران گاڏين جي ڇتين مٿان لڳائيندا ۽ ان فيصلي تي عمل نه ڪندڙ ٽرانسپورٽرن خلاف سختي سان ڪاروائي ڪئي وڃي , هاڻي سنڌ سرڪار ان فيصلي تي عمل ڪرائي سگهي ھان ته ڪيتريون ئي انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچي پون ھا ,
ضرورت ان ڳالھ جي آهي ايترين انساني جانين جي ضايع ٿيڻ بعد سنڌ سرڪار بااثر ٽرانسپورٽ مافيا خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪندي يا وري نوري آباد جھڙي ٻئي واقعي جو انتظار ڪجي , ٿيڻ ته ايئن گھرجي ته سي اين جي وينن ۽ گاڏين خلاف ڪاروائي ڪري مسافرن کي سفر جون سهولتون حڪومت طرفان مقرر ڪيل اگهن تي فراهم ڪيون وڃن ۽ هر ضلع ۽ تعلقي سطح تي ٽرانسپورٽ ڪمشنر ۽ ٽريفڪ جي قانون تي عملدرآمد ڪرائيندڙ اهلڪار مقرر ڪري سي اين جي تي هلندڙ گاڏين جي صحيح نموني چڪاس ڪئي وڃي جيڪڏهن سلينڊر ليڪ يا مرمت جي قابل آهن ته انهن جي فوري طور تي مرمت ڪرائي قيمتي انساني جانيون بچايون وڃن .

Read Previous

پراڻي مُھري، پوءِ به ڀانڊن ڀڃڻ کان نه ويندي.

Read Next

انسان جي اصل طاقت برداشت آھي

Most Popular