انسان جي اصل طاقت برداشت آھي


محمد فاروق ٻرڙو
اسين جڏھن پنھنجي ماحول تي نظر وجھي رھيا آھيون ته اسان کي پنھنجي ماحول ۾ غيض وغضب جا اھي جذبات نظر اچي رھيا آھن جن جو مصرف ميدان جھاد ھيو اڄ اھي جذبات اسان جي جڙيل معاشرت ۾ ڊوڙي رھيا آھن گھرن،ٻارن ٻچن،ننڍن وڏن،عالمن وڏيرن ڀوتارن،پروفيسرن منسٽرن وزيرن،صوفين درويشن پيرن فقيرن ۾ ننڍين ننڍين ڳالھين تان اختلاف ڪر کڻي ڪري وڏن وڏن حادثن تائين ڳاٺ اونچو ڪيون بيٺا آھن اسان جا پڪا پوڙھا سڀ ضديت انانيت جي ور چڙھي ڪري قبيلن جا قبيله ڪوھائيون ويٺا آھن نه وڏن ۾ برداشت رھي آ نه ننڍن ۾ ادب رھيو آ نه وڏيرن سردارن پيرن ڀوتارن ۽ ميرن ۾ ماڻھپو رھيو آ نه وري فقيرن مولوين منشين ھارين برادرين ۾ برداشت رھي آ، روڊن رستن ڳوٺن ڳلين ۾ ھلندي ھلندي معمولي ٽڪراء تي پاڻ ۾ دست گريبان ٿي وڃڻ اسان جي معاشري ۾ ايتري قدر رائج ٿي چڪو آھي جو اگر مظلوم شخص صبر جو ثبوت ڏئي ڪري معاملي کي رفع دفع ڪرڻ جي لاء برداشت جو مظاھرو ڪري ٿو ته ان کي بزدل ڪمزور سمجھڻ ۽ ان کي مھل موقعي تي مختلف ماڻھن طرفان مختلف الفاظن جا تير ھڻڻ ۽ مختلف واويلا مچائي جذباتي بڻائڻ اسان جي معاشري جي ماڻھن جو مشغلو بڻجي چڪو آھي،پوء يا ته اھو مظلوم شخص انھن لفظن جي تيزابيت سان پنھنجي اندر کي ڳاري ٿو يا وري جذبات ۾ اچي ڪري دشمنئ کي پنھنجي جھول ۾ ڀري ڪري ڏينھن رات پنھنجي جان بچائڻ لاء جاکوڙي ٿو، حالانڪ اسان جو اسلام اسان کي سڀ کان وڌيڪ تحمل صبر برداشت جو درس ڏي ٿو ته توھان ھر معاملي ۾ برداشت صبر تحمل ۽ درگذر کان ڪم وٺو ۽ اسان کي قرآن وحديث پاڪ مان به اھا ئي تعليم ملي ٿي ۽ اسلاف جا واقعات به اھوئي ٻڌائي رھيا آھن ته نرمي کان محروم شخص خير ڪثير کان به محروم آھي
الله عزوجل پنھنجي پاڪ ڪلام قرآن مجيد ۾ ارشاد فرمايو والعافين عن الناس ماڻھن کان در گذر ڪرڻ وارو ۽ الله ڪريم قرآن پاڪ جي سورت آل عمران جي آيت نمبر ٽيٽيھ ۾ ارشاد فرمايو ته درگذر ڪرڻ وارا ۽ نيڪ ماڻھو الله جا محبوب آھن،ھڪ ٻي جڳھ سورت شوريٰ ۾ ڪريم رب فرمايو ته جيڪو معاف ڪري ڇڏي ته ان جو اجر الله عزوجل جي ذمي آھي،
ڪيڏن وڏن انعامن اڪرامن سان الله عزوجل ان شخص کي نوازي ٿو ۽ پنھنجو محبوب ٻانھو بڻائي ٿو جيڪو ماڻھو صرف ٿورڙو برداشت ڪري ٿو صبر ڪري ٿو درگذر کان ڪم وٺي ٿو ۽ ھتي اسان وٺ معاملو ئي ابتڙ آھي اگر ڪنھن کان ٿورڙي به غلطي ٿي پوي ٿي ته پوء ڳالھ مرڻ مارڻ تائين پھچي وڃي ٿي حالانڪ بردباري سان پيش اچڻ عفو ودرگذر سان پيش اچڻ تمام وڏي اخلاق جو دليل آھي حضرت نبي ڪريم فرمايو ته جيڪو ماڻھو الله جي رضا خاطر معاف ڪندو آھي ته الله ان کي بلند درجو عطا فرمائيندو آھي،ھڪ طرف الله ۽ ان جي رسول صل الله عليه وآله وسلم جي طرف کان معاف ڪرڻ برداشت ڪرڻ وارن جي لاء خوشخبريون انعامات درجات جي بلندي جا واعدا آھن ته ٻي طرف وري اڄ جي اسان جي معاشري جي حالت اھا آھي جو ننڍين ننڍين ڳالھين کي انا جو مسئلو بڻائيو ٿو وڃي،ٿورڙي اختلاف کي وڌائي ڪري دشمنيون پيدا ڪيون ٿيون وڃن،معمولي جيھڙن ۽ ننڍين ننڍين ڳالھين کي محسوس ڪري سڳن ڀائرن ۾ دشمنيون پيدا ڪيون ٿيون وڃن ۽ پوء ھڪ تمام ڊگھي عرصي تائين ھڪ ٻئي کان پري ٿا ٿي وڃن،ھڪ ٻئي سان ڳالھائڻ کي به به پسند نه ٿا ڪن حالانڪ حديث شريف ۾ آھي ته مؤمن جي لاء جائز نه آھي اھو ٽن ڏينھن کان وڌيڪ پنھنجي مسلمان ڀاء سان ڳالھ ٻولھ بندي ڪري عام مسلمان سان به ٽن ڏينھن کان وڌيڪ نه ڳالھائڻ کي اسلام ناجائز ڪرار ڏنو آھي اسان جي معاشري ۾ ته سڳا ڀائر ھڪ پيء جا پٽ ڪيترن ئي سالن تائين ھڪ ٻئي کان منھن موڙيون ويٺا آھن پيء پٽ کان بيزار بڻيو ويٺو آھي،ھڪ اداري ۾گڏ ڪم ڪرڻ وارا پاڻ ۾ دشمنيون پيدا ڪيون ويٺا آھن روبروز معمولي ڳالھين تي رشتيدارن کان بائيڪاٽ ڪرڻ به عام فيشن بڻجي ويو آھي،اگر ڪوئي نيڪ دل ماڻھو ڪنھن رنجيده ماڻھو کي صلح جي ترغيب ڏي ٿو ۽ ثواب انعام واڪرام جي بشارت ٻڌائي ٿو ته اھو رنجيده شخص پنھنجي اصلاح وصلح جي بجاء ھي جواب ڏئي ڇڏيندو آھي ته مان گھڻا ئي ثواب ڪمايا آھن،لھٰذا ھاڻي صلح نه ٿي سگھندو اسان ان جي لاء مري وياسين اُھي اسان جي لاء مري ويا آھن،اھڙي طرح جون جذباتيون اڄ اسان جي معاشري ۾ عام آھن اگر انھن جون وجھون تلاش ڪيون ٿا ته غصو ۽ عدم برداشت جو مادو ئي اصل وجھ نڪري ٿو ۽ اسان جو اسلام اسان کي درس ڏي ٿو ته عفو ودرگذر ڪرڻ غصي کي ختم ڪرڻ،برداشت ڪرڻ ۽ نرمي سان پيش اچڻ دنيا وآخرت جي رھڻ وارن جي لاء بھترين اعليٰ اخلاقن منجھان آھي، حديث پاڪ ۾ موجود آھي حضرت عقبه بن عامر کان روايت ته نبي ڪريم فرمايو دنيا وآخرت ۾ رھڻ وارن جي بھترين اخلاقن مان ھڪ ھي به آھي ته جيڪو تون کان قطع تعلق ڪري تون ان سان صله رحمي ڪر ۽ جيڪو تون کي نه ڏي ته تون ان کي ڏئي ڇڏيندو ڪر ۽ جيڪو تون تي ظلم ڪري تون ان کي معاف ڪري ڇڏ
نبي ڪريم صل الله عليه وآله وسلم ارشاد فرمايو ته پھلوان اھو نه آھي جيڪو ڪشتي ۾ ملھ ماري وڃي بلڪه پھلوان اھو آھي جيڪو غصي جي حالت ۾ پاڻ تي ڪنٽرول ڪري،غصي ۾ آپي کان ٻاھر نه ٿيڻ ۽ ڪنھن جي ناگوار ڳالھ کي برداشت ڪرڻ اعليٰ ترين اخلاقن مان آھي جيڪو معاشري کي امن وسڪون جو گھوارو بڻائي ڇڏيندو آھي ۽ ماڻھو تمام گھڻن جھگڙن کان بچي ويندو آھي
ماڻھن سان نرم رويو رکڻ ۽ ظلم ڪرڻ وارن کي معاف ڪرڻ ھي الله رب العزت کي تمام گھڻو پسند آھي،حديث پاڪ ۾ آھي حضرت انس کان روايت آھي ته نبي ڪريم فرمايو ته الله تعاليٰ پاڻ به نرم آھي ۽ نرمي ڪرڻ وارن کي پسند ڪندو آھي ۽ نرمي تي الله تعاليٰ اھو ڪجھ ڏيندو آھي جيڪو سختي تي ناھي ڏيندو اھڙي طرح ٻي حديث پاڪ ۾ آھي ته جيڪو نرمي کان محروم ٿيو اھو سڀ ڀلاين کان محروم ٿيو قيامت جي ڏينھن ھڪ آواز ڏيڻ وارو آواز ڏيندو ته جن جو اجر الله جي ذمي آھي اھو اٿي بيھي ته صرف اھو ئي اٿي بيھندو جنھن پنھنجي مٿان ظلم ڪرڻ واري کي معاف ڪيو ھوندو ۽ اسان جي اڄ جي معاشري جي حالت اھا آھي جو دعوائون ته وڏيون ڪيون ٿيون وڃن متقي پرھيزگار ھجڻ جون پر جڏھن انھن جي مٿان وقت اچي ٿو صبر برداشت جو ته سڀ ڪجھ وساري ايڏا جذباتي بڻجي ٿا وڃن جو ڏسڻ وارو چوي ٿو مان ته ھن کي وڏو متقي سمجھيو پر ھي ته دنيا جي سڀ انسان کان وڌيڪ برو خراب نڪتو،مون ڪنھن جڳھ تي ڪنھن الله عزوجل جي ڪامل ٻانھي جي ڳالھ پڙھي پاڻ فرمائن ٿا ته مان ھڪ دفعا مسجد ۾ ھڪ نوجوان کي ڏٺو ته جيڪو وڏي آھ زاري سان دعا گھرڻ ۾ مشغول ھيو مونکي ان جي ان حالت تي تمام گھڻو رشڪ آيو، ليڪن ٿوري ئي دير کان پوء ڪنھن نمازي جو پير ان جي جسم کي لڳو ته ان پنھنجي دعا کي فوراً ڇڏي ڏنو ۽ اھو وڏي آھ زاري سان دعا گھرڻ وارو ايڏي وڏي جذبات ۾ اچي ويو جو ان کان مسجد جو ادب واحترام وسري ويو ۽ ان نمازي ويچاري کي تمام گھٽ وڌ گالھائڻ شروع ڪيائين ۽ تمام گھڻو گارگند ڪيائين،اھڙي ئي طرح اسان ڏسي رھيا آھيون ماڻھن جون عمريون گذرنديون رھن ٿيون ليڪن انھن جي مزاج جي تيزي ۾ گھٽتائي جي ڪائي ڳالھ ئي نظر نه ٿي اچي ۽ قوت برداشت نه ھجڻ ڪري ماڻھو ذلت وخفت سان ڀريل ٽوڪرا پنھنجي مٿي تي کڻي گھمندا ٿا وتن،حالانڪ اسان جي سامھون حضرت حبيب ڪريم جون چٽيون حديثون موجود آھن ته نبي ڪريم فرمايو الله عزوجل جو سايو ان ماڻھؤ کي نصيب ٿيندو جيڪو ماڻھو ڪمزورن سان نرمي ڪرڻ وارو ھوندو ۽ ٻي حديث پاڪ ۾ نبي پاڪ صل الله عليه وآله وسلم فرمايو ته ٻه عادتون الله عزوجل کي تمام گھڻيون پسند آھن ھڪ بردباري ٻيو جلد بازي نه ڪرڻ
انسانيت جو اصل حُسن قوت برداشت ۽ عفو ودرگذر آھي
جي اگر ڪنھن کي چئجي ٿو ته غصي کي ختم ڪيو،صبر ڪيو،برداشت ڪيو ته جواب ۾ چيو ويندو آھي ته مون کي برداشت جو مادو نه آھي آء برداشت نه ڪري سگھندو آھيان وغيره وغيره
انسان جڏھن ڪنھن چيز لاء ڪوشش ڪندو آھي ته اھا چيز ضرور ان کي حاصل ٿيندي آھي ۽ جي اگر توھين به چاھيو ٿا ته اسان پنھنجي اندر ۾ برداشت کي پيدا ڪيون ته پوء ان جو حل محسن انسانيت حضرت رسول الله صل الله عليه وآله وسلم اسان کي چوڏھن سؤ سال پھرين ئي ٻڌائي ڇڏيو آھي صرف اسان کي انھئ تي عمل ڪرڻ جي ضرورت آھي ھڪ دفعا ڪنھن صحابي سڳوري نبي پاڪ صل الله عليه وآله وسلم جي خدمت ۾ عرض ڪيو ته يارسول الله صل الله عليه وآله وسلم مون کي پرسڪون زندگي ۽ خوبصورت زندگي گذراڻ جو فارمولو ارشاد فرمايو ته نبي ڪريم فرمايو غصو نه ڪندو ڪر،ڪيڏو زبردست فارمولو آھي پرسڪون زندگي گذارڻ جو پنھنجو پاڻ کي تڪليفن مصيبتن کان بچائڻ جو ۽ پنھنجي زندگي کي حسين خوبصورت بڻائڻ جو صرف برداشت ڪيو ۽ غصو نه ڪيو ۽ ھي ڪنھن ٻي ڏاھي يا ڊاڪٽر انجينئر جو ڏسيل فارمولو نه آھي بلڪه ان ڪريم نبي جو ڏسيل فارمولو آھي جنھن ھر قدم ھر وک تي انسانيت جي رھنمائي فرمائيآھي انسانن کي اشرف المخولوقات جو تاج پارائيو آھي اڄ کان اوھان کي جڏھن به غصي اچي ته صرف ھڪ ڳالھ يڪدم ذھن ۾ آڻيندا ڪيو ته جنھن ڪريم الله مون سميت پوري دنيا کي خلقيو آھي ان ۽ جنھن محبوب جي صدقي پوري ڪائنات جوڙي وئي آھي ان ڪريم نبي برداشت صبر درگذر ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي ۽ غصي کي ختم ڪرڻ جو درس ڏنو آھي ته اوھان جي طبيعتن ۾ برداشت جو مادو به پيدا ٿيندو ته غصو به ختم ٿي ويندو ۽ توھان تمام دنيا ۽آخرت جي مصيبتن کان بچي پوندؤ شال ڪريم رب پنھنجي محبوب جي صدقي عمل جي توفيق عطا فرمائي آمين.

Read Previous

نوري آباد حادثي جو ذميوار ڪير..؟

Read Next

عمران خان جي اقوام متحده ۾ عالم اسلام جي نمائندگي ڪئي: حليم عادل شيخ

Most Popular