عمران خان جي اقوام متحده ۾ عالم اسلام جي نمائندگي ڪئي: حليم عادل شيخ

ڪراچي :  پي ٽي آئي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسمبلي ۾ پارليماني ليڊر حليم عادل شيخ حنيد لاکاڻي سيڪريٽريٽ ۾ اهم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪيو ان سان گڏ پي ٽي آئي اڳواڻ ۽ سربراه بيت المال سنڌ حنيد لاکاڻي، پي ٽي آئي اڳواڻ جهانشير جوڻيجو ۽ ٻيا پڻ شامل هئا.  حليم عادل شيخ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو اسان عمران خان کي سلام پيش ڪريون ٿا جن اقوام متحده جي جنرل اسمبلي ۾ عالم اسلام جي نمائندگي ڪندي دنيا جي مسلمانن جي ڳالهه ڪئي، عمران خان ڪشير جي مسئلي کان ويندي، فلسطين، انڊيا جي دشتگردي سميت ٻين مسئلن کي اجاگر ڪيو. پاڪستان کي پهريون ڀيرو هڪ بهادر ليڊر مليو آهي جيڪو علاقه اقبال جي خواب جي پوري ڪري رهيو آهي. عمران خان پاڪستان جي 22 ڪروڙ عوام جو بهادر اڳواڻ ثابت ٿيو آهي.حليم عادل شيخ چيو ته نواز شريف اينڊ ڪمپني چيو ته ووٽ کي عزت ڏيو جڏهن حڪومت ۾ هئا ته نوٽ کي عزت ڏيندا هئا. جولائي 2018ع ۾ ووٽ کي عزت ملي چڪي آهي. عمران خان کي عوام ووٽ جي ذريعي چونڊي اقتدار ۾ آندو نواز شريف کي هاڻي ڪورٽ کي عزت ڏيڻ گهرجي. بزدلن وانگر بيماري جو بهانو ڪري لنڊن ۾ لڪي ويٺل آهي. ٻاهر ويهي ملڪي ادارن جي خلاف ڳالهائڻ جي بدران نواز شريف ملڪ اچي پنهنجي ڪيسن کي منهن ڏي. نواز شريف جي تاريخ پاڪستان قوم ويساري نٿي سگهي، ڊانليڪس کان وٺي جندال سان ڀائيواري، مودي سان ياري سڀ عوام کي خبر آهي. جهڙي طرح الطاف حسين تي پابندي لڳل آهي اهڙي طرح نواز شريف تي  به پابندي مڙهي وڃي. الطاف حسين ۽ نواز هڪ سڪي جا ٻه پاسي آهن افسوس ٿو ٿئي انهي نواز شريف شهيد راڻي جي خلاف ڳالهيون تصويرون جاري ڪيو اڄ بلاول اهڙن غدارن سان گڏ بيٺل آهي. بلاول چئي رهيو آهي اسان کي نواز شريف رستو ڏيکاريو آهي. نواز شريف ضئياالحق جي پيداوار آهي. هاڻي بلاول به پنهنجي پارٽي کي ضئياالحق جي نظريي تي هلائي رهيو آهي. ن ليگ جو خاتمو اچي چڪو آهي طلاق چوڌري جهڙا برڪردار ماڻهو هاڻي رات جو تنظيم سازي ڪرڻ جو ڊرامو ڪري پنهنجي ئي ايم اين اي تي حملا ڪرائي رهيو آهي. بلاول زرداري چيو ته تحريڪ هلائينداسين اسان ويلڪم ڪريون ٿا بلاول تحريڪ ضرور هلائي اسان گڏ هونداسين مگر سنڌ جي عوام جي حقن جي حاصلات لاءِ تحريڪ هلائي، ٻوڏ متاثرين جا بحالي لاءِ تحريڪ هلائي، اسپتالن ۾ دوائن ۽ ايمبولنس لاءِ تحريڪ هلائي، بلاول ايڊز جي خاتمي لاءِ تحريڪ هلائي اسان گڏ هونداسين. مگر نه بلاول کي عوام جي فڪر ناهي بلاول کي ڪيل ڪرپشن والد کي ڪرپشن جي ڪيسن مان بچائڻ جي فڪر آهي. پي ٽي آئي جلد سنڌ ۾ تحريڪ جو اعلان ڪري رهيو آهي ڪرپشن مٽايو پ پ ڀڄايو تحريڪ جنهن جي شروعات لاڙڪاڻو رتو ديرو مان شروع ڪئي ويندي. پ پ وارن سنڌ جي عوام کي بي وقوف بڻايو آهي. سنڌ جي وسلين تي قبضا ڪندڙ ڪو سنڌ نٿو ٿي سگهي. وزير اعليٰ پڻ کي سنڌ سڏائڻ ڇڏي ٿي سنڌ جي عوام جي وسيلن تي ڌاڙا هنيا ويا آهن اڌ  سنڌ ٻڏي پئي آهي بلاول 6 ڏينهن ميرپورخاص ۾ رڳو اهو چئڻ لاءِ آيو ته وفاق اسان جي مدد نٿي ڪري وزير اعليٰ سنڌ چئي تو اين ڊي ايم اي سٺو ڪم ڪيو آهي باقي وفاق مدد نٿي ڪري. اين ڊي ايم اي ڪير آهي. وفاق جو ادارو آهي سيڪريٽريٽ به وزير اعظم سيڪريٽريٽ سان گڏ آهي. وزير اعظم جي هدايتن تي اين ڊي ايم اي ڪم ڪري رهيو آهي18وين ترميم کان پوءِ اربين روپين جو بجيٽ سنڌ حڪومت کي ملي ٿو اين ايف سي ايوارڊ به ملي رهيو آهي تنهن هوندي به سنڌ حڪومت پنهنجو نااهلي وفاق تي مڙهي رهي آهي. وفاق ڪرونا وبا ۾ سنڌ جي عوام کي نه ڇڏيو آهي سٺ ارب روپيا سنڌ جي عوام کي براه راست ڏنا ويا جيڪڏهن سنڌ جي حڪومت کي ڏنا وڃن ها ته عوام کي روپيو به نه ملي ها. ڪرونا ۾ وزير اعليٰ رڳو ڀاشن ڏنا ويهه لک راشن جو اعلان ڪري ويهه هزار بيگ به راشن جا نه ورهايا هئا. آئون ميرپورخاص، عمرڪوٽ سجاول، سانگهڙ، ڪنري، سامارو، ڊگري، پٿورو سميت ٻين علائقا ڏسي آيو آهيان مهينيو گذري ويو آهي ماڻهو روڊن تي بي يارو مددگار ويٺل آهن. سنڌ حڪومت ڪنهن جي به واهر نه ڪئي آهي. پ پ جي وڏيرن غريب جي زمينن ۽ ڳوٺن کي ٻوڙايو آهي. سردار شاهه عمرڪوٽ جي علائقن کي ٻوڙايو آهي. عوام سراپا احتجاج آهي سنڌ جا فوڪل پرسن غائب آهن. فصل تباه ٿي ويا آهن سنڌ حڪومت رڳو وفاق کي رلزام هڻڻ جي بجاءِ عملي طور تي ٻوڏ متاثرين جي واهر ڪري.اسان شگر گذار آهيون وزير اعظم جا گورنر سنڌ اين ڊي ايم اي جا جن هڪ لک راشن جي بيگ سميت ٻيو سامان بوڏ متاثرين ۾ ورهايو آهي. سنڌ جي ڊپٽي ڪمشنر وڏيرن جي غلامي ڪري رهيا آهن عمرڪوٽ جي متاثرين جو سامان پ پ جي هڪ وڏيري کي ٿرپارڪر ۾ ڏنو ويو آهي ٿرپارڪر ۾ ڪهڙو سيلاب آيو آهي؟… غريب جيڪي امداد لاءِ وانجهائي رهيا آهن انهن جي مدد نه پئي ڪئي وڃي مٺي جا 700 ارب آر او پلانٽ ناڪاره پيل آهن عوام کي صاف پاڻي نٿو ملي سنڌ حڪومت مڪمل ناڪام ٿي چڪي آهي.حنيد لاکاڻي چيو ته اي پي سي جي تحريڪ صرف ڪرپشن بچائو تحريڪ آهي. عمرڪوٽ، بدين سنڌ جي ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ آهن جتي سنڌ حڪومت ڪابه عوام جي واهر نه ڪئي آهي. بلاول کي تحريڪ هلائڻي آهي ته تعليم جي ميدان ۾ اصلاحات تي تحريڪ هلائي.

Read Previous

انسان جي اصل طاقت برداشت آھي

Read Next

خيرپورل آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز پاران مطالبن جي مڃتا احتجاج ڪندي

Most Popular