خيرپورل آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز پاران مطالبن جي مڃتا احتجاج ڪندي

خيرپور :  آل سنڌ يونيورسٽيز ايمپلائيز فيڊرشن يونٽ شاه عبدالطيف يونيورسٽي جي سوين ملازمن طرفان قائد عوام يونيورسٽي نواب شاه جي ڪرپٽ وائيس چانسلر سليم رضا سمون کي هٽائڻ ۽ لاڙڪاڻي يونيورسٽي جي ملازمن جي رهيل پگهارن ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ شاه عبدالطيف يونيورسٽي کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي،جنهن جي اڳواڻي قلندر بخش بوزدار، محمد اسلم گهمرو، حسن مهر، رياض عباسي. طفيل منگي،عبدالباسط خلجي، ثناءُ الله مهر،لطيف ڏنو ڦلپوٽو، جعفر ڪٽوهر ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، ان موقعي تي مظاهرين خطاب ڪندي چيو ته قائد عوام يونيورسٽي نواب شاه جي وائيس چانسلر سليم رضا سمون رڪارڊ ٽوڙ ڪرپشن ڪري يونيورسٽي کي تباه ڪري ڇڏيو آهي،جنهن ڪري هن کي فورن هٽائي يونيورسٽي کي وڌيڪ تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته لاڙڪاڻي يونيورسٽي جي پورهيت ملازمن جون بقاياجات پگهارون ۽ ٻيا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن  ۽ ڪرپٽ وي سي سليم رضا سمون کي هٽايو وڃي نه ته ٻئي صورت ۾ وزير اعليٰ هائوس اڳيان احتجاجي ڌرڻو هڻي مطالبن جي مڃتا تائين ويهي رهنداسين،

Read Previous

عمران خان جي اقوام متحده ۾ عالم اسلام جي نمائندگي ڪئي: حليم عادل شيخ

Read Next

ايم ڪيو ايم ، پي ٽي آ ، جي ڊي اي واران پ پ خلاف هميشه اتحاد ٺاهيندا رهيا آهن:مراد علي شاهه

Most Popular