سيوهڻ لڳ ماهي اوٺو جي رهواسين جو پوليس ۽ بااثر خلاف احتجاج

سيوهڻ: سيوهڻ شريف ويجهو ماهي اوٺو جي رهوارين  محمد آچر. محمد عثمان.عبداللطيف.قربان علي.ذوالفقار.عبدالستار.ممتاز.مير حسن گلشير ۽ ٻين بااثر وڏيري الهداد سميت ايس ايڇ او ماهي اوٺو خلاف پي ايس ماهي اوٺو آڏو احتجاج ڪري سخت نعريبازي ڪندي بااثر وڏيري الهداد اوٺو ۽ پوليس مٿان الزام لڳائيندي چيو ته اسان جو نوجوان اعجاز اوٺو جيڪو ڀان سيد آباد کان واپس ڳوٺ اچي رهيو هئو ته رستي ۾ کيس کان 2 لک روپيه ڪيش رقم سي ڊي موٽر سائيڪل سميت ٽچ موبائل ڦر ڪري فرار ٿي ويا نوجوان جي مذاهمت ڪرڻ تي هٿياربندن کيس سخت زخمي ڪري ڇڏيو جنهن کي زخمي حالت ۾ سيوهڻ اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي کيس طبي امداد ڏني پئي وڃي اسان جڏھن اهڙي واقعي جي اين سي داخل ڪرائڻ لاء پي ايس ماهي اوٺو پهتاسين ته اتي موجود ڊيوٽي انچارج اي ايس آئي بشير احمد سولنگي ۽ هيڊ محرر مرتضىٰ چنه اسان جي ايف آء آر داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هنن پوليس مٿان الزام ڌريندي چيو ته پوليس بااثر وڏيري الهداد اوٺو کان رشوت ورتي آھي انڪري اسان جي ايف آء آر داخل نه پئي ڪئي وڃي بااثر وڏيرو جي حڪم تي ابتو اسان جي زخمي ٿيل نوجوان مٿان قلم 107 تحت پرچو ڪٽيو ويو آھي پوليس مسلسل اسان کي غريب سمجهي اسان مٿان دٻاء وجهي رهي آھي احتجاج ڪندڙن وزير اعلىٰ سنڌ سيد مراد علي شاھ ڊي آئي جي حيدرآباد ايس ايس پي ڄامشورو کان مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث وڏيري الهداد سميت هٿياربند نظير اوٺو.امين اوٺو.گلبهار اوٺو.امير اوٺو.حليم اوٺو ڪمال اوٺو مٿان ايف آء آر داخل ڪري اسان کي انصاف ڪيو وڃي.

Read Previous

چوٽياريون ويجھو پيرومل نوجوان فورم پاران ٻئي سالگره ملهائي وئي

Read Next

جاتي ۾ پي ٽي آءِ پاران 250 راشن بيگ مستحق غريب خاندانن ۾ راشن ورھايا ويا

Most Popular