جاتي ۾ پي ٽي آءِ پاران 250 راشن بيگ مستحق غريب خاندانن ۾ راشن ورھايا ويا

جاتي: جاتي شھر ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف پارٽي طرفان برسات متاثرن مستحق ماڻھن ۾ جاتي پي ٽي آئي جي مرڪزي اڳواڻ ايڊووڪيٽ ذيشان علي خواجه مرڪزيويلفئيرونگ سيد امير علي شاھ سيد عباس علي شاھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  250 راشن بيگ مستحق غريب خاندانن ۾ راشن ورھايا ويا، ان موقعي تي پاڪستان تحريڪ انصاف ويلفيئر ونگ ضلعي سجاول جو صدر شعيب الياس خليفو پي ٽي آئي ضلعي سجاول جو جنرل سيڪريٽري دانش ديدار پي ٽي آئي ضلعي سجاول جو نائب صدر ايڊووڪيٽ سيد عمران شاھ بخاري ۽ پي ٽي ضلعي سجاول جا اڳواڻ عھديدار ۽ وڏي تعداد ۾ ڪارڪن موجود ھئا جن جي مدد سان غريب مستحق خاندانن ۾ راشن ورھايو ويو ان موقعي تي اڳواڻن ماڻهن جي ميڙاڪي کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف طرفان اھا صرف شروعات انشاءالله اسان ھاڻي سجاول ضلعي سميت جاتي جي عوام کي پ پ پ وارن جي آسري تي ڪو نه ڇڏينداسين اسان وفاقي حڪومت جي مدد سان سڌو سنئون غريب عوام جي خدمت ڪنداسين جيڪو وزيراعظم عمران خان جو مشن آھي واضح رھي ته ايس ايڇ او جاتي ۽ ڊي ايس پي جاتي پاران راشن جي تقسيم دوران سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ھئاـ

Read Previous

سيوهڻ لڳ ماهي اوٺو جي رهواسين جو پوليس ۽ بااثر خلاف احتجاج

Read Next

آمريڪي عدالت ٽڪ ٽاڪ تي پابندي جو حڪم ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

Most Popular