چوٽياريون ويجھو پيرومل نوجوان فورم پاران ٻئي سالگره ملهائي وئي

چوٽياريون: چوٽياريون ويجھو پيرومل نوجوان فورم پاران ٻئي سالگره  ملھائي وئي جنهن ۾ شھرين ۽ معززين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي پيرومل نوجوان فورم جي چئيرمين مڪيش ڪمار جو چوڻ ھو ته اسان سياست کان ھٽي ڪري پنهنجي ڪم ڪري رھيا آھيون فورم جي صدر مرتضيٰ خاصخيلي جو چوڻ ھو ته ھن فورم جو مقصد  پيرومل جي عوام ۾ شعور ۽ تعليم اجاگر ڪرڻ آهي  لاڪڊائون  کان ھن وقت ٻوڏ جھڙي صورتحال ۾ اسان پنهنجو ڪم ڪري رھيا آھيون تقريب کي خطاب ڪندي جنرل سيڪريٽري ڪمار پير بخش ڀنڀرو اصغر مري ٻين جو چوڻ ھو ته ھن وقت اسان جو فورم پيرومل جي نوجوانن ۾ ڇائجي ويو آھي بعد ۾ لڪش ڪمار ھريش ڪمار ڪاشف ڪريم جوڻيجو پيرومل نوجوان فورم جي جوائنٽ سيڪريٽري روي ڪمار تي اعتماد ڪندي شموليت اختيار ڪئي.

Read Previous

منهنجو ساٿ اڳ به پيپلزپارٽي سان هيو هيئنر به پيپلز پارٽي سان آهي: رحيم بخش بوزدار

Read Next

سيوهڻ لڳ ماهي اوٺو جي رهواسين جو پوليس ۽ بااثر خلاف احتجاج

Most Popular